English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير : پورٽ قاسم انڊسٽريل ايريا ۾ پورهيتن جي جبري برطرفين خلاف احتجاج
186 views
|
09th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پورٽ قاسم انڊسٽريل ايريا ۾ پورهيتن جي جبري برطرفين خلاف احتجاج، پوليس ۽ رينجرز جا اٽالا پهچي وياپورٽ قاسم انڊسٽريل ايريا ۾ قائم هڪ نجي ڪمپني پاران پورهيتن کي جبري طور نوڪرين تان برطرف ڪرڻ خلاف عوامي راڄ تحريڪ جي اڳواڻي ۾ سخت احتجاج ڪيو ويو. احتجاج دوران مظاهرين ڌرڻو هڻي ڪمپني انتظاميا خلاف زوردار نعريبازي ڪئي.احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي عوامي راڄ تحريڪ جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ خليل شاهه ۽ بلاول لاکو ڪئي، جڏهن ته صورتحال کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز جا اٽالا به موقعي تي پهچي ويا.احتجاج ڪندڙ پورهيتن جو چوڻ هو ته نجي ڪمپني انتظاميا 50 کان وڌيڪ پورهيتن کي بغير ڪنهن سبب جي جبري طور نوڪرين تان برطرف ڪيو آهي، جيڪا سراسر ناانصافي ۽ غيرقانوني عمل آهي. مظاهرين موجب هو گذريل ڏهن سالن کان وڌيڪ عرصي کان ڪمپني ۾ ايمانداري سان ڪم ڪري رهيا آهن، جتي اسپيئر پارٽس تيار ڪيا ويندا آهن، پر ان جي باوجود کين اوچتو بيدخل ڪيو ويو.پورهيتن جو وڌيڪ چوڻ هو ته روزگار کان محروم ٿيڻ سبب سندن گهرن جا چولا ٻرڻ مشڪل ٿي پيا آهن، جڏهن ته انتظاميا سندن مسئلا ٻڌڻ لاءِ به تيار ناهي.احتجاج ڪندڙن واضح چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن برطرف ڪيل پورهيتن کي فوري طور نوڪرين تي بحال نه ڪيو ويو ته احتجاجي تحريڪ جاري رکندي، ۽ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير : پورٽ قاسم انڊسٽريل ايريا ۾ پورهيتن
0 تبصرے