English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مولانا راشد محمود سومرو جي سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد، صوبي ۾ ڪرپشن، بدامني، منشيات ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار
259 views
|
11th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) جمعيت علماءِ اسلام صوبي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو پريس ڪلب عمرڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي، هن چيو ته گذريل 15 سالن دوران پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ صوبي ۾ نه صرف گورننس بهتر نه ٿي پر ڪرپشن، بدامني ۽ بيروزگاري ۾ واڌ ٿي آهي، مولانا راشد محمود سومرو زور ڏئي چيو ته سنڌ ۾ ڪروڙين اربين رپين جي ڪرپشن ٿي چڪي آهي، ترقياتي منصوبا رڳو ڪاغذن تائين محدود آهن ۽ عوام بنيادي سهولتن کان محروم آهن، صوبي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڦرلٽ، ڌاڙا ۽ اغوا براءِ تاوان جا واقعا تيزي سان وڌي رهيا آهن، هن دعويٰ ڪئي ته ڏوهارين ۽ مافيائن کي چونڊيل نمائندن جي سرپرستي حاصل آهي، جنهن ڪري پوليس به آزاد ۽ غيرجانبدار ڪارروائي کان قاصر آهي، مولانا راشد محمود سومرو چيو ته نوجوان نسل کي منشيات جي وبا ۾ ڦٽو ڪيو پيو وڃي ۽ منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث عناصر خلاف بنا ڪنهن فرق جي سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، هن سنڌ اسيمبلي ۾ هڪ هندو ايم پي اي پاران شراب جي مخالف قرارداد تي ڪردار پيش ڪرڻ جي خراج تحسين پيش ڪيو، پريا ڪماري جي اغوا ڪيس بابت ڳالهائيندي هن چيو ته چونڊيل نمائندا ملوث آهن ۽ حقيقت سامهون اچڻ گهرجي، هن زور ڀريو ته اغوا ٿيل پريا ڪماري جا پيرا سنڌ حڪومت ۾ ويٺل ماڻهن جي بنگلن ڏانهن ويندا، مولانا سومرو وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي چيو ته سنڌ ۾ امن امان بهتر بڻائڻ، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ موثر قدم کڻڻ ۽ عوام کي روزگار، صحت، تعليم ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ گهرجن، پاڙيسري ملڪن سان تعلقات بهتر ڪرڻ تي زور ڏيندي هن چيو ته پاڪستان کي علائقي ۾ پائيدار امن ۽ ترقي لاءِ پنهنجا تعلقات مضبوط ڪرڻا پوندا، ٻي صورت ۾ ملڪ ۾ استحڪام جو خواب مشڪل آهي، مولانا راشد محمود سومرو اعلان ڪيو ته مارچ 2027ع ۾ سکر ۾ عالمي امن ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ ملڪ توڙي ٻاهرين ملڪن جا علماءَ، سياسي اڳواڻ ۽ دانشور شرڪت ڪندا ته جيئن خطي ۾ امن، رواداري ۽ ڀائيچاري کي فروغ ملي، هن چيو ته سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي، صوبي ۾ وسيلن جي ڦرلٽ ۽ منشيات جي وڪري جا واقعا ڳڻتي جاڳائيندڙ آهن، جڏهن ته صحت ۽ تعليم جون بنيادي سهولتون اڻپوريون آهن، صحافين پاران مولانا راشد محمود سومرو کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا، جڏهن ته راشد محمود سومرو عمرڪوٽ جي ڳوٺ جالو جو چونھرو جي مدرسي گلشن عمر ۾ ختم نبوت ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مولانا راشد محمود سومرو جي سنڌ
0 تبصرے