English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ ناري اڳوڻي مڙس جي ڀائرن خلاف عوامي پريس ڪلب پهچي وئي
115 views
|
13th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
پهرين مڙس جي وفات بعد علي نواز کهاوڙ سان پرڻو ڪيو، ڏير ڌي ۽ پٽ زبردستي کسي ويا آهن: نصرت لاشاري
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) مڙس جي وفات کان پوءِ مائيٽن جي مرضي سان ٻي شادي ڪندڙ ناري نصرت لاشاري پنهنجي مڙس علي نواز کهاوڙ سان گڏ عوامي پريس ڪلب ملير پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻن ڏيرن خلاف سنگين الزام هڻندي ۽ تحفظ جي اپيل ڪئي آهي نصرت لاشاري ٻڌايو ته سندس اڳوڻو مڙس ٻه سال اڳ فوت ٿيو جنهن کان پوءِ هوءَ ٽن ٻارن سميت مائيٽن وٽ رهندي هئي، جتي زندگي ڏکي ٿي پئي. امڙ ۽ وڏي ڀاءُ جي رضامندي سان هن علي نواز کهاوڙ سان ٻي شادي ڪئي، جنهن بعد سندس اڳوڻا ڏير زبير، سرائي ۽ مور سميت سندس ننڍو ڀاءُ عاشق علي مٿس ڏمرجي پيا آهن.هن الزام لڳايو ته مخالف ڌر سندس نالي ڪيل گهر زوري خالي ڪرائڻ لاءِ حملا، قتل جون ڌمڪيون ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ شروع ڪري ڏنا آهن. سندس چوڻ موجب گهر وڏي ڀاءُ طرفان سندس نالي ڪيو ويو آهي ۽ هوءَ ڪنهن به صورت ۾ گهر خالي نه ڪندي.نصرت لاشاري وڌيڪ چيو ته اڳوڻن ڏيرن ظلم جي انتها ڪندي سندس ٽن ٻارن مان ڌيءَ ۽ پٽ کي زبردستي کسي ورتو آهي، جيڪو هڪ ماءُ سان وڏو ظلم آهي. هن چيو ته اهڙين حرڪتن سبب سندن حياتين کي سخت خطري آهن .ان موقعي تي سندس مڙس علي نواز کهاوڙ چيو ته سندن شادي گهر وارن جي مرضي ۽ اجازت سان ٿي آهي، پر هاڻي سندس گهر واري جا اڳوڻا ڏير غيرقانوني طور ٻار قبضي ۾ وٺي گهر خالي ڪرائڻ چاهين ٿا.هنن گڏيل طور سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن اختيارين کان اپيل ڪئي ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي مخالفن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کين ۽ سندن ٻارن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ۾ ناري اڳوڻي مڙس جي ڀائرن خلاف
0 تبصرے