English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ شھيد اقبال لاڙڪ جي ٻي ورسي جي موقعي تي تقريب منعقد
94 views
|
13th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اقبال لاڙڪ جي اباڻي ڳوٺ کاھي راھو ۾ منعقد تقريب ۾ ايريگيشن ملازمن جي به شرڪت
نوشهروفيروز (ڊ ر)شھيد اقبال لاڙڪ جي ٻي ورسي سندس اباڻو ڳوٺ کاھي راھو، نوشهروفيروز لڳ، عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. تقريب ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن مان آيل ايريگيشن کاتي جي پورهيت اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري شھيد اڳواڻ جي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي. تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي، جيڪا محمد رمضان سيال ادا ڪئي. آجياڻي خطاب ڪندي اسڪارپ ايمپلائيز يونين نوشهروفيروز جي صدر ساگر يوسف منگي چيو ته شھيد اقبال لاڙڪ رڳو هڪ مزدور اڳواڻ نه پر پورهيتن جي تحريڪ جو هڪ مضبوط ادارو هئا، جن سنڌ ۾ سوين نوجوان پورهيت اڳواڻ پيدا ڪري مزدورن کي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو شعور ڏنو. تقريب جي صدارت ڪندي آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونينز فيڊريشن جي صدر ۽ مھراڻ ليبر فيڊريشن پاڪستان جي صدر الحاج ميان عبدالرحيم ڀارو چيو ته شھيد اقبال لاڙڪ پنهنجي سڄي زندگي پورهيتن جي حقن لاءِ وقف ڪري ڇڏي ۽ آخري گهڙي تائين مزدورن جي خدمت ۾ رهيا. هن سنڌ حڪومت ۽ ايريگيشن کاتي جي عملدارن کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن نوڪرين جي وڪري يا پورهيتن سان ناانصافيون جاري رهيون ته پورهيت سخت احتجاجي تحريڪ هلائيندا. ان موقعي تي آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونينز فيڊريشن جي صوبائي جنرل سيڪريٽري ياسر اقبال لاڙڪ چيو ته شھيد اقبال لاڙڪ جو نالو سنڌ جي پورهيتن لاءِ حوصلي ۽ جدوجهد جي علامت بڻيل آهي. هن اعلان ڪيو ته عيدالفطر کانپوءِ پورهيتن جي حقن لاءِ نئين جدوجهد شروع ڪئي ويندي. تقريب ۾ حاجي لائيق برفت، حاجي شعيب بلر، نياز ٻگهيو، محمد يونس راڄپر سميت ڪيترن ئي پورهيت اڳواڻن ۽ سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي. آخر ۾ شھيد اقبال لاڙڪ جي ايصالِ ثواب لاءِ دعا گهري وئي ۽ شرڪت ڪندڙن لاءِ خيرات ۽ لنگر جو اهتمام پڻ ڪيو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز ۾ شھيد اقبال لاڙڪ
0 تبصرے