English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري جي شاهين پبلڪ اسڪول ۾ والدين جو ڏهاڙو ملهايو ويو، تقريب منعقد
163 views
|
16th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
تقريب ۾ پ پ اڳواڻ علي ڏنو خان گاڏهي، اسٽنٽ ڪمشنر فرزانہ ميراڻي، سراج سوهو، صحافي نثار کوکر ۽ ٻيا شريڪ
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ڏوڪري ۾ شاهين پبلڪ اسڪول پاران سومرا شادي ھال ۾ والدين جي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي آهي تقريب ۾ پ پ تعلقي جنرل سيڪريٽري علي ڏنو خان گاڏهي، اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فرزانہ ميراڻي، پ پ ضلعي اڳواڻ سراج احمد سوهو، ٽي اي او غلام مصطفي کوکر، اڳوڻي ٽي اي او محمد عثمان کوکر، متحرڪ صحافي نثار احمد کوکر، صحافي فدا حسين ابڙو، قاضي فريد، اطهر ميمڻ، عبدالجبار ميمڻ، غلام مصطفي جهتيال، ربنواز کوسو، امتياز ڪولاچي، پروفيسر گلاب سومرو، پروفيسر چندر لعل اوڏ، وڏيرو شمن خان جوڻيجو، شهمير علي ميراڻي، علي بخش ميتلو، محمد اقبال جعفري، مشتاق احمد جوڻيجو، صابر جروار، حبيب ﷲ عالماڻي، نثار جتوئي، صداقت جوڻيجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي تقريب کي شاهين پبلڪ اسڪول جي ڊائريڪٽر ضمير حسين ميراڻي، اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فرزانہ ميراڻي، ٽي اي او غلام مصطفي کوکر، صحافي نثار کوکر، سراج احمد سوهو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شاهين پبلڪ اسڪول جا استاد ۽ شاگرد تعليم تي بهترين محنت ڪري رهيا آهن، شاگردن توڙي شاگردياڻين بهتر کان بهتر تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته والدين جو ڏهاڙو ملهائڻ بهترين روايت آهي ۽ اها روايت سرڪاري اسڪولن ۾ به ملهائڻ گهرجي. هنن چيو ته والدين کي به گهرجي ته اسڪولن ۾ وڃي پنهنجي ٻارڙن جي ڪارڪردگي بابت معلومات وٺن ته جئين استاد ٻارن تي وڌيڪ محنت ڪندو ۽ ٻار به سٺي نموني تعليم حاصل ڪندو، تقريب ۾ شاهين پبلڪ اسڪول جي شاگردن ۾ سوال جواب جا مقابلا، شاگردن پاران ٽيبلوز، قومي گيتن تي رقص ڪيو، آخري ۾ بهترين پوزيشن کڻندڙ شاگردن ۾ انعام ورهايا ويا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڏوڪري جي شاهين پبلڪ اسڪول ۾ والدين جو ڏهاڙو
0 تبصرے