English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: پي پي ايڇ آءِ اسپتال مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ رٽائر ٿيندڙ ڊاڪٽرن جي اعزاز ۾ تقريب
154 views
|
17th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
تقريب دوران ڊاڪٽر محمد صالح ڏيپر ۽ ڊاڪٽر عظمت الله قادري کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) مراد ميمڻ ڳوٺ اسپتال ۾ ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ڊاڪٽر محمد صالح ڏيپر ۽ ڊاڪٽر عظمت الله قادري جي رٽائرمينٽ جي موقعي تي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي۔تقريب دوران ٻنهي ڊاڪٽر صاحبن کي سندن ڊگهي، ايماندار ۽ شاندار خدمتن جي اعتراف طور اعزازي شيلڊون ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا۔ ان موقعي تي مقررن پنهنجي خطاب ۾ ڊاڪٽر محمد صالح ڊيپر ۽ ڊاڪٽر عظمت الله قادري جي پيشاورانه صلاحيتن، ديانتداري ۽ عوامي خدمت کي ڀرپور خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ سندن صحت ۽ سلامتي لاءِ خصوصي دعائون به گهريون ويون۔پنهنجي خطاب ۾ ڊاڪٽر محمد صالح ڊيپر چيو ته هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات انتهائي ڏکين ۽ پسمانده علائقن کان ڪئي ۽ گذريل ڏهن سالن کان مراد ميمن ڳوٺ اسپتال ۾ لڳاتار ايمانداري ۽ محنت سان خدمتون سرانجام ڏنيون۔ هن چيو ته اڄ الحمدلله هي اسپتال غريب عوام کي معياري طبي سهولتون فراهم ڪندڙ هڪ بهترين اداري طور سڃاتو وڃي ٿو۔ هن پنهنجي حوصلا افزائي تي سڀني ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جا ٿورا مڃيا۔تقريب ۾ پي پي ايڇ آءِ جي ايڊمنسٽريٽر ڪرشن صاحب، ڊاڪٽر عظمت الله، ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ڊاڪٽر زينب شاهه، ڊاڪٽر شاهد ڀٽ، ڊاڪٽر اروبا، ڊاڪٽر عاليه، ڊاڪٽر اسامه، ڊاڪٽر شعيب مغل، ڊاڪٽر عارف شاهه، ڊاڪٽر سليم شيخ، رضوان عٽماني، سليم جي ميمن سميت ٻين ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: پي پي ايڇ آءِ اسپتال مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ ر
0 تبصرے