English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير پوليس پاران 3ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
201 views
|
17th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نديم عرف گن شارٽ ۽ امجد علي ۽ محمد عطا کي گرفتار ڪيو: پوليس
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي علائقي ڪوهي ڳوٺ ندي پل ملير ڀرسان گذريل رات دير سان شاہ لطيف پوليس پارٽي ۽ موٽرسائيڪلن تي سوار هٿياربند ڦورن وچ ۾ مبينا مقابلو ٿي پيو فائرنگ پوليس موجب ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا، جڏهن ته مجموعي طور ٽن جوابدارن کي حراست ۾ ورتو ويو جڏهن ته هڪ جوابدار موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو۔گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ نديم عرف گن شارٽ ولد بچل، امجد علي ولد شوڪت علي ۽ محمد عطا المصطفٰي ولد شمشاد علي طور ٿي آهي۔ پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار ٿاڻي شاهه لطيف جي حدن اندر مختلف وارداتن ۾ ملوث رهيا آهن۔پوليس جوابدارن وٽان 02 عدد 30 بور پسٽل بمعه راونڊ، 03 عدد ٽچ موبائيل فون، 01 عدد ڪي پيڊ موبائيل، 01 عدد پرس ۽ هڪ موٽرسائيڪل هونڊا 125 هٿ ڪري ورتي آهي۔ هٿ آيل موٽرسائيڪل بغير نمبر پليٽ ۽ پنچ ڪيل نمبر سان ملي، جنهن جو رڪارڊ سي ايل پي سي ذريعي چيڪ ڪيو پيو وڃي۔پوليس موجب گرفتار ملزمن جو ڪرمنل رڪارڊ جديد سرچ ڊيوائس سسٽم وسيلي چيڪ ڪيو ويو، جنهن مان معلوم ٿيو ته جوابدار مختلف ٿاڻن تي اڳ ۾ به گرفتار ٿي جيل وڃي چڪا آهن۔زخمي حالت ۾ گرفتار ملزمن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندن قبضي مان هٿ آيل هٿيار فرانزڪ جاچ لاءِ اماڻيا پيا وڃن۔ پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن خلاف ضابطي موجب ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير پوليس پاران 3ڏوهاري گرفتار
0 تبصرے