English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
دبئي ۾ سنڌي ٻولي جي ماهر ڊاڪٽر فهميده حسين پاران اياز لطيف پليجو ۽ نور الهديٰ شاهه جي مان ۾ آجياڻو
243 views
|
18th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ ۾ مزاحمت جو جذبو پيدا ڪرڻو آ، فن سان، شاعري سان، علم سان، ادب سان. سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن کي زنده رهڻو آ: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد (پ ر) دبئي ۾ سنڌي لينگويج اٿارٽي جي اڳوڻي چيئرپرسن ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي اڳوڻي چيئرمين سنڌي ٻولي جي ماهر ڊاڪٽر فهميده حسين پاران قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ ۽ نامور قانوندان ۽ اديب، دانشور اياز لطيف پليجو ۽ نامور ليکڪہ ۽ ڊرامانگار نورالھدئ شاھ جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو آجياڻي ۾ دبئي ۾ رهندڙ سنڌي انجنئيرز، ڊاڪٽرز، آئي ٽي ايڪسپرٽرس سميت سنڌ مان آيل آئيني ۽ قانوني ماهرايڊووڪيٽ ساحر اياز لطيف پليجو شرڪت ڪئي. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو تہ سنڌ ۾ مزاحمت جو جذبو پيدا ڪرڻو آ، مزاحمت جو جذبو ايندو ، فن سان، شاعري سان، علم سان، ادب سان. سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن کي زنده رهڻو آ ۽ ڳاٽ اوچو ڪري رهڻو آهي تہ انهن کي سائنس سان ۽ سياست سان ڳنڍڻو پوندو، سائنسي ڄاڻ، سياست، شفافيت، ڪردار جي بلندي ۽ ميريٽ اهي هٿيار آهن جنهن سان سنڌي قوم ۽ سنڌ ڌرتيء ايندڙ مقابلي جي دور ۾ جٽا ڪري سگهندا.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي هر ڊويزن ۾ هڪڙي اهڙي يونيورسٽي کپي جتي سائنس جي حقيقي تعليم هجي، تحقيق ۽ ريسرچ هجي، هن چيو تہ سنڌ حڪومت سموري سنڌ ۾ وڻ وڍرائي ڇڏيا آهن، پاڻي وڪڻي ڇڏيو آهي، زرعي زمينن کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي ۽ وڏن شهرن ۾ رڳو گٽرن جو اٿليل پاڻي آهي، گندگي ۽ عذاب آهي، بک ۽ بيروزگاري آهي، اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا ساڃاھ وند آواز بلند ڪن تہ سنڌ پبلڪ سرورس ڪميشن جون نوڪريون ميريٽ تي ملڻ گهرجن، سنڌ جي سمورن پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي ملي ۽ سنڌ ۾ صنعتون لڳڻ. اياز لطيف پليجي چيو تہ صنعتڪاري کان سواء ۽ زراعت کان سواء سنڌ ترقيء نہ ڪري سگھندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌي قوم جي بقاءَ جو واحد رستو علم، سجاڳي ۽ شعور آهي. سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ايندڙ نسل کي تعليم سان ليس ڪري پنهنجن پيرن تي بيهارڻو پوندو.علم سان، سائنس سان، برابري سان، رواداري سان، امن سان، محنت سان ۽ ميرٽ سان سنڌي نوجوانن جڙڻو پوندو . وڏا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ صبح شام محنت ڪيو. جھالت، وھمن ۽ ڌاڳن ڦيڻن جي ماريل سنڌ ظلمن ۽ ناانصافين جو مقابلو ڪونہ ڪري سگھندي، اڳتي وڌڻو آھي تہ جديد علمن، ڏاھپ ۽ سائنس سان جُڙڻو پوندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جو تعليمي نصاب جديد، انسان دوست ۽ سائنٽيفڪ ھجڻ گھرجي نوجوان سنڌ ۾ ڏوھن ۽ جھالت جو رستو روڪين ڪرپٽ پيپلزپارٽي جي حڪمرانن سنڌ ۾ ميريٽ جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آھي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ميرٽ کي قتل ڪري ڪڙورين روپيا وٺي نوڪريون وڪرو ڪيون وڃن ٿيون . نورالهدئ شاھ ڳالهائيندي چيو تہ سنڌ جو عوام هاڻي آهستي آهستي پنهنجي حقن جي باري ۾ آگاھ ٿئي پيو ۽ اڳتي نڪري پيو، پر اڃان وڌيڪ علم جي ۽ وڌيڪ ادب جي ڄاڻ جي ضرورت آهي، سنڌ جو نوجوان ميريٽ ۾ يقين ڪري اڳتي نڪرندو تہ هن لاء دروازا کليل هوندا، هن وڌيڪ چيو تہ سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم پاڻ سڀني جي ذميداري آهي، ان لاء سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ڊاڪٽر فهميده حسين ڳالهائيندي چيو تہ سنڌي ٻولي اسان سڀني جو ڳانڍاپو ۽ وجود جو بنياد آهي. سنڌي ماڻهو جنهن بہ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هجن انهن کي پنهنجي اولاد کي سنڌي ٻولي پڙهائڻ گهرجي ۽ سيکارڻ ۽ لکڻ سيکارڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو تہ سنڌ ۾ جيترا وڌيڪ ڪتاب هوندا جيتري وڌيڪ ٻولي سان محبت ۽ تحقيق هوندي اوترو سنڌين جو ڳانڍاپو وڌيڪ جٽادار ۽ ثابت قدم هوندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
دبئي ۾ سنڌي ٻولي جي ماهر ڊاڪٽر فهميده حسين پاران
اياز لطيف پليجو ۽ نور الهديٰ شاهه
0 تبصرے