English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري جي حيدر بخش جتوئي هاءِ اسڪول ۾ لطيف جي فڪر ۽ ڪردارن تي فڪري ليڪچر
74 views
|
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
لطيف جي عاشق ۽ مقرر عطا چانهيو ڀٽائيءَ جي شاعريءَ مان حوالا ڏيندي نوجوانن کي ڪردار سازي جو پيغام ڏنو
ڏوڪري (اطهر ميمڻ)ڏوڪري جي گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي هاءِ اسڪول ۾ اسڪول انتظاميا جي اهتمام هيٺ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي فڪر ۽ ڪردارن تي هڪ فڪري ليڪچر منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ لطيف جي عاشق ۽ مقرر عطا چانيهي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ مان حوالا ڏيندي نوجوانن کي ڪردار سازي جو پيغام ڏنو ڪيو.پنهنجي خطاب ۾ عطا چانيهو چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي صرف شاعر نه پر هڪ سماجي مفڪر هو، جيڪو اهڙو سماج ڏسڻ چاهيو جتي هر ماڻهو پنهنجي ڪم سان عشق ڪري. هن چيو ته لطيف جو پيغام آهي ته جيڪڏهن بادشاهه آهيو ته واعدي جا پابند بادشاهه بڻجو. وعدو سر ڏيڻ جو هجي ته به ان کي پاڙيو، جيئن راجا راءِ ڏياچ ٻيجل لاءِ پنهنجو سر ڏنو ۽ قول کي وفا جو مثال بڻايو. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مڱڻهار آهيو ته اهڙا بڻجو جو بادشاهه به اوهان جي فن ۽ سچائي اڳيان جهڪي پون. افسوس جو اڄ جي سياست ۾ واعدن تي قائم رهڻ بدران ڦري وڃڻ کي حڪمت عملي سمجهيو وڃي ٿو، جڏهن ته لطيف جو فلسفو سچائي ۽ استقامت تي بيٺل آهي. عطا چانهيو سر نوري ڄام تماچي جو حوالو ڏيندي چيو ته نوري کي شاهه صاحب هيٺان طبقي مان کڻي عزت جي اوج تي بيهاريو، جڏهن ته ڄام تماچي جهڙي حڪمران کي عوام سان برابري جي سطح تي آندو، ڇاڪاڻ ته ڄام تماچي بادشاهه هوندي به محبت سبب مهاڻن سان ڳنڍجي ويو، جڏهن ته نوري راڻي بڻجڻ باوجود پنهنجي سادگي ۽ ماڻهن سان وابستگي نه ڇڏي. هن چيو ته اڄ جي دور ۾ اقتدار ماڻيندڙ ماڻهو پاڻ کي عوام کان مٿانهون سمجهڻ لڳن ٿا، جڏهن ته لطيف جو سبق برابري ۽ انڪساري آهي. هن مورڙو ميربحر جو ذڪر ڪندي چيو ته هو سماج ۾ ڪمزور ۽ ڌڪاريل سمجهيو ويندو هو، پر هن مانگر مڇ کي ماري اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو جيڪو بهادرن لاءِ به ڏکيو هو. اهڙي طرح لطيف ٻڌائي ٿو ته اصل عظمت نسب يا طاقت ۾ نه پر حوصلي ۽ عمل ۾ آهي. عطا چانيهو وڌيڪ چيو ته سڄو سماج عمر بادشاهه کي هيرو سمجهندو رهيو، پر شاهه صاحب پنهنجي شاعري ۾ ثابت ڪيو ته اصل عظمت مارئي جهڙي ڪردار ۾ آهي، جنهن پنهنجي ڌرتي، سچ ۽ وقار تي سودو نه ڪيو. لطيف جا هيرو عوام مان آهن، اهي جيڪي سچ، محبت ۽ وفا تي قائم رهن ٿا. تقريب جي پڄاڻي تي مقرر عطا چانيهو جو چوڻ هو ته جيڪڏهن سٺو انسان بڻجڻ چاهيو ٿا ته لطيف جي ڪردارن کي پڙهو، سمجهو ۽ انهن جيان عمل ڪريو، ڇو ته قومن جي تعمير اعليٰ ڪردارن سان ٿيندي آهي، رڳو لفظن سان نه. تقريب ۾ اسسٽنٽ هيڊ ماستر غفور زهراڻي، ڪامريڊ حيدر جويو، ۽ عابد خاصخيلي اعزازي مهمان هيا، جڏهن ته تقريب جي ڪارروائي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جي جوائنٽ سيڪريٽري علي پٺاڻ ڪاروائي هلائي. تقريب ۾ سياسي، سماجي ۽ ادبي شعور رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڏوڪري جي حيدر بخش جتوئي هاءِ اسڪول
0 تبصرے