English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪنري پوليس جي ننڍي عمر ۾ شادي جي اطلاع تي ڪارروائي، گهوٽ، پنڊت ۽ ٻيا گرفتار
159 views
|
22nd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
پوليس نينگري گڏي ڪولهي جي امڙ جي فرياد تي ڪارروائي ڪري ڪنوار کي تحويل ۾ ورتو
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)ڪنري ڀرسان پڪوموڙ جي ڳوٺ ڪرشن واڻيو ۾ ننڍي ڄمار ۾ شادي جي اطلاع تي ڪنري پوليس شادي ڪاڄ دوران ڇاپو هڻي ننڍي عمر جي ڪنوار گڏي ڌيءُ ٽيڪم ڪولھي ۽ گھوٽ مولچند ولد گلاب ڪولھي کي تحويل ۾ وٺي ورتو پوليس ڪاروائي دوران شادي ڪرائيندڙ پنڊت ڏانو ڪولھي، ڪنوار جي ڏاڏي ليمٻو ڪولھي به پوليس تحويل ۾ ورتو ويو، سمورن ماڻھن کي ڪنري ٿاڻي منتقل ڪيو ويو، پوليس ڄاڻايو ته ڪاروائي ڪنوار جي ماءُ ڪويتا ڪولھي جي شڪايت تي ڪئي وئي، ڪنري ٿاڻي آڏو ڪنوار جي ماءُ ڪويتا ڪولھي ميڊيا کي ٻڌايو ته منھنجي نياڻي جي عمر ننڍي آهي منهنجو سھرو پنجاھ ھزار جي عيوض منهنجي نياڻي کي وڪرو زوري شادي پئي ڪرائي، ڪنوار گُڏي ڪولھي جو چوڻ ھو ته آئون مولچند سان شادي ۾ خوش آھيان ۽ منھنجي رضا سان شادي ٿي رھي آھي، ٻئي پاسي ڪنوار جي ڏاڏي ليمٻو ڪولھي ٻڌايو ته مون ڪا به پيسا ناهن ورتا، ننھن سندس ڌيءِ جي بلوچستان ۾ شادي ڪرائڻ چاھي ٿي جيڪا نياڻي کي پسند نه ھئي شادي نياڻي جي رضا خوشي سان پئي ڪرائي. نياڻي مولچند سان شادي ۾ خوش آھي ماءُ وڪرو ڪرڻ جا ڪوڙا الزام لڳائي رھي آهي. ٻئي پاسي ڪنري پوليس جوڙي کي عمرڪوٽ وومين پوليس حوالي ڪري ڇڏيو جنھن بعد پوليس گرفتار گھوٽ، سندس ماءُ ۽ پنڊت سميت 10 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، وومين ٿاڻي عمرڪوٽ تي ڪنوار گڏي ڪولھي جي ماءُ ڪويتا ڪولھي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ گھوٽ مولچند ڪولھي، پنڊت ڏانو ڪولھي، ڪنوار جي ڏاڏي ليمٻو ڪولھي، ڪنوار جي چاچن موھن ۽ هميرو ڪولھي، گھوٽ جو والده شريمتي رامون ڪولھي، گھوٽ جي ڀاءُ رميش ڪولھي ۽ شادي ۾ شامل پوڙھو، يوسف ۽ شاھنواز ڪپري کي نامزد ڪيو ويو. فريادڻ ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي ته منھنجي ڌيءُ گُڏي جنھن جي ڄمار 14 سال آھي جنھن کي ڄاڻايل ماڻھو زوري ننڍي ڄمار ۾ شادي ڪرائي رهيا آھن، پوليس پاران گرفتار گھوٽ، پنڊت ۽ ڪنوار جي ڏاڏي کي لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ڪنوار کي پنھنجي تحويل ۾ رکي ڇڏيو کين اڄ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪنري پوليس جي ننڍي عمر ۾ شادي
0 تبصرے