English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گهوڙا ٻاري ۾ شهيد فدا حسين خشڪ جي ياد ۾ ور سپر ليگ ٽورنامينٽ منعقد
245 views
|
23rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
پهرين ميچ ۾ ايم حنيف ٽيم 10 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 132 رنسون ٺاهيون
ٺٽو(رپورٽ شفيق ڀٽي) شهيد فدا حسين خشڪ جي ياد ۾ ور سپر ليگ پهرين ميچ مڪمل ٻي ڪوهيڙي سبب منسوخ، گھوڙاٻاري جي مرڪزي ور شھر ۾ شهيد فدا حسين خشڪ جي ياد ۾ جاري ور سپر ليگ (VSL) سيزن 9 نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ دوران جوش ۽ جذبي سان مقابلا جاري آهن ٽورنامينٽ شهيد فدا حُسين خشڪ جي ياد کي تازو رکڻ ۽ نوجوانن ۾ مثبت سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ منعقد ڪيو پيو وڃي جنهن کي علائقي جي ماڻهن ڀرپور پذيرائي ڏني آهي ايونٽ جي پهرين ميچ شاندار نموني کيڏي وئي ايم حنيف ٽيم 10 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 132 رنسون ٺاهيون، علي کوسو 44 رنسن سان ٽاپ اسڪور رهيو جڏهن ته راشد بلوچ ۽ حميد خشڪ 25، 25 رنسون جو اضافو ڪيو جواب ۾ ال آصف ٽيم بهترين راند پيش ڪندي 8 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 133 رنسون ٺاهي 8 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي پيار علي شاهه 47 عثمان امان 46 ۽ نصرالله پنھور 31 رنسن سان نمايان رهيا ٻي ميچ دوران رات دير سان ڪوهيڙو وڌڻ سبب ميدان ۾ نظر گهٽجي وئي جنهن ڪري امپائرن ۽ انتظاميا آئي سي سي قانونن تحت رانديگرن جي حفاظت کي ترجيح ڏيندي ميچ منسوخ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو فيصلي مطابق ٻنهي ٽيمن کي هڪ، هڪ پوائنٽ ڏنو ويو ليگ انتظاميه موجب شهيد فدا حسين خشڪ جي ياد ۾ جاري هي راندين جو سلسلو شيڊيول موجب هلندو رهندو جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ دلچسپ ۽ سنسني خيز مقابلا متوقع آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ور سپر ليگ ٽورنامينٽ منعقد
گهوڙا ٻاري ۾ شهيد فدا حسين خشڪ
0 تبصرے