English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پورٽ قاسم ڀرسان ملٽي نيشنل ڪمپني خلاف پورهيتن جو ڌرڻو، ٽريفڪ معطل
147 views
|
26th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)پورٹ قاسم لڳ هڪ ملٽي نيشنل ڪمپني پاران پورهيتن کي مبينا طور نيڪالي ڏيڻ ۽ اجرت ادا نه ڪرڻ خلاف مزدورن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ ڪافي دير تائين معطل رهي ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون.احتجاج ڪندڙ پورهيتن جو چوڻ آهي ته ڪمپني ملڪ اندر پروڊڪشن بند ڪرڻ جو جواز پيش ڪري کين اوچتو نوڪرين تان فارغ ڪري رهي آهي. مزدورن موجب انتظاميا اڳ ۾ واعدو ڪيو هو ته نيڪالي جي صورت ۾ قانوني معاوضو ۽ رهتون ادا ڪئي وينديون پر هينئر تائين کين ڪا به ادائگي نه ڪئي وئي آهي.پورهيتن چيو ته عيد ويجهو آهي ۽ کين پنهنجي محنت جا پئسا به نٿا ڏنا وڃن، جيڪا کين ۽ سندن گهرڀاتين سان ناانصافي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور بقايہ اجرت ادا ڪئي وڃي؛قانون موجب نيڪالي جو معاوضو ڏنو وڃي بنا جواز نيڪاليون واپس وٺي پورهيتن کي بحال ڪيو وڃي.موقعي تي پوليس پهچي صورتحال تي نظر رکي. آخري اطلاعن تائين ڪمپني انتظاميا طرفان ڪو باضابطه بيان جاري نه ڪيو ويو هو. پورهيتن خبردار ڪيو ته سندن جائز مطالبا نه مڃيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پورٽ قاسم ڀرسان ملٽي نيشنل ڪمپني خلاف پورهيتن
0 تبصرے