English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گورنر ڪامران ٽيسوري جي بيان خلاف ايس ٽي پي پاران گھگھر ۾احتجاجي ريلي
237 views
|
27th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گھگھر کان قومي شاھراھ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، گورنر گورنر گو جا نعرا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري طرفان سنڌ جي وحدت ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي بابت ڏنل بيان خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي ملير طرفان ڊويزنل اڳواڻ پير بخش بهلڪاڻي، ڪامريڊ رجب زھراڻي اصغر سبزوئي اصغر مگسي حفيظ زھراڻي علي نواز لنجواڻي ديدار سبزوئي جي اڳواڻي ۾ گھگھر کان قومي شاھراھ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو، مظاھرين جي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ ھئا ھو گو گورنر گو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رھيا ھئا ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته گورنر جو عهدو آئيني ۽ غير جانبدار هوندو آهي، جنهن جو بنيادي فرض صوبي جي وحدت، عوامي هم آهنگي ۽ ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ آهي، پر موجوده گورنر لساني بنيادن تي سياست ڪري سنڌ جي وحدت کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هنن مؤقف اختيار ڪيو ته ڊاڪٽر قادر مگسي خلاف بيان دراصل سنڌي قوم جي سياسي جدوجهد کي بدنام ڪرڻ جي سازش آهي.اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ کي ورهائڻ يا لساني تڪرار پيدا ڪرڻ واري ڪنهن به بيان يا سازش کي سختي سان رد ڪيو ويندو. هنن واضع ڪيو ته سنڌ ڌرتيءَ جي وحدت، وسيلن ۽ سڃاڻپ تي ڪو به سودو قبول نه ڪيو ويندو ۽ ھنن چيو ته سنڌ دشمن قوتن خلاف 12 اپريل تي ڪراچي ۾ جناح باغ ۾ پارٽي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ وڏو عوامي احتجاجي ڪيو ويندو جنھن سنڌ جا لکين غيرت مند سپوت شرڪت ڪري پنھنجي ڌرتيءَ ماء سان محبت جو اظهار ڪندا اڳواڻن ملير سميت سنڌ جي عوام، سياسي ڪارڪنن ۽ قومپرست ڌرين کي اپيل ڪئي ته هو تعداد ۾ شرڪت ڪري سنڌ دشمن بيانن خلاف گڏيل آواز اٿارين ۽ گورنر کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ پرامن جدوجهد کي ڪامياب بڻائين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گورنر ڪامران ٽيسوري جي بيان خل
0 تبصرے