English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي پاران سول اسپتال جو تفصيلي دورو
77 views
|
23rd Jan 2026
•
سنڌي خبرون
سرمد علي اسپتال جي مختلف شعبن جو معائنو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي سول اسپتال جو تفصيلي دورو ڪيو ، جتي هن اسپتال جي مختلف شعبن جو معائنو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو. ڊپٽي ڪمشنر ايمرجنسي بلاڪ، او پي ڊي، نئون تعمير ٿيل ڊائگنوسٽڪ سينٽر، ميڊيڪل اسٽور، فيميل وارڊ، حفاظتي ٽُڪن جو مرڪز، مليريا سينٽر سميت ٻين شعبن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ريجنل پروگرام مينيجر مرف آدم ملڪ ۽ سول سرجن ڊاڪٽر سيد يامين شاهه ڊپٽي ڪمشنر کي اسپتال ۾ مهيا ڪيل طبي سهولتن، ڊاڪٽرن ۽ عملي جي ڪارڪردگي، دوائن جي موجودگي ۽ مريضن کي ڏنل سهولتن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي اسپتال ۾ داخل مريضن ۽ سندن تيماردارن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کين ملندڙ طبي سهولتن بابت معلومات ورتي جڏھن تہ مريضن ۽ تيماردارن اسپتال انتظاميه جي سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر اسپتال انتظاميه کي هدايت ڪئي ته مريضن کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي سميت دوائن جي مڪمل دستيابي برقرار رکي وڃي، اسپتال اندر صفائي سٿرائي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ۽ ايمرجنسي مريضن کي فوري ۽ موثر طبي امداد مهيا ڪئي وڃي. ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي سول اسپتال جي انتظاميه ۽ عملي جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته عوام کي بهتر ۽ معياري طبي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ سچائي، ايمانداري جذبي سان ڪم جاري رکيو ويندو. ھُن چيو تہ عوام کي صحت جون بھتر سھولتون فراھم ڪرڻ ضلعي انتظاميہ جي اولين ترجيحي آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي پاران
ريجنل پروگرام مينيجر مرف آدم ملڪ ۽ سول
سرجن ڊاڪٽر سيد يامين شاهه پاران ڊي سي کي آگاهي
0 تبصرے