English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير سٽي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان محمد جعفر پنهوار جي وارثن جو احتجاج، مقابلو ڪوڙو قرار
137 views
|
23rd Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ملير سٽي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان محمد جعفر پنهوار جي وارثن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سان گڏ اسٽيل ٽائون ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاهرا ڪيا، جتي پوليس مقابلي کي ڪوڙو ۽ اڳرائيءَ تي ٻڌل قرار ڏنو ويو.احتجاج جي اڳواڻي سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر نظير پنهوار، مقتول جي وارثن ۽ جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر انعام سيال ڪئي، جڏهن ته احتجاج ۾ وڏي انگ ۾ سياسي ڪارڪنن، سماجي تنظيمن جي نمائندن ۽ علائقي واسين شرڪت ڪئي. احتجاج دوران شرڪت ڪندڙن پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ واقعي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو.مظاهري کي خطاب ڪندي وارثن ٻڌايو ته نوجوان محمد جعفر پنهوار کي 20 جنوري تي گلشن حديد واري علائقي مان پوليس مبينا طور گرفتار ڪري کنڀي وئي، جنهن بعد هو ٻن ڏينهن تائين لاپتا رهيو. وارثن جو چوڻ هو ته ٻه ڏينهن بعد پوليس جعلي مقابلو ظاهر ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، جيڪو سراسر ظلم ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته محمد جعفر پنهوار بيگناهه ۽ پورهيت نوجوان هو، جيڪو محنت مزدوري ڪري پنهنجي خاندان جو گذر سفر ڪندو هو. هنن چيو ته مقتول جو ڪنهن به ڏوهن سان ڪو به تعلق نه هو، پر ان باوجود پوليس بيگناهه نوجوان کي نشانو بڻايو.سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر نظير پنهوار ۽ ڊاڪٽر انعام سيال پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پوليس مقابلا اصل ۾ عدالت کان مٿاهون قتل آهي جيڪي انساني حقن جي کليل لتاڙ آهن. هنن مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف فوري ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي، کين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ معاملي جي اعليٰ سطحي، غير جانبدار جاچ ڪرائي وڃي.احتجاج ڪندڙن سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مقتول جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.آخر ۾ احتجاج پرامن نموني سان ختم ڪيو ويو، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن اعلان ڪيو ته جيستائين انصاف نه ملندو، تيستائين سندن جدوجهد جاري رهندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
26th Mar 2026
•
سندھ
گورنر سندھ سے سینیئر سیاستدان سید نفیس حیدر کی ملاقات،باہمی دلچسپی امور پر تبادلہ خیال
26th Mar 2026
•
پاکستان
الیکشن کمیشن نے سینیٹر مراد سعید کو نااہل قرار دے دیا
26th Mar 2026
•
دنیا
ایران کو جنگ کے دوران ڈرون اور خفیہ معلومات فراہم کرنے کی خبریں، روس کا ردعمل
26th Mar 2026
•
دنیا
پاسدارانِ انقلاب نے ایف 18 سمیت دو امریکی جنگی جہاز گرانے کا دعویٰ کیا
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير:آچار جوکيو ڳوٺ ڀرسان پاڻي جي لائين ۾ ٻڏي ويل نينگري جو لاش هٿ
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ٽائون ڪميٽي جي امڪاني برساتن کي منهن ڏيڻ بابت گڏجاڻي
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت پاران تعلقي گهوڙاٻاري جو تفصيلي دورو
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت تعليم صحت سميت ٻين بنيادي سھولتن جي فراھمي لاء ڪوشان آھي: پيرسيد ڪاظم علي شاھ لڪياري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير سٽي پوليس جي مبينا مقابلي
محمد جعفر پنهوار جي وارثن
0 تبصرے