English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي ٺٽو پاران ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آپريشن سينٽر ٽيم سان اهم اجلاس
43 views
|
25th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت ضلعي ۾ پوليو جي خاتمي بابت ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آپريشن سينٽر ٽيم سان اهم اجلاس منعقد ڪيو. اجلاس ۾ پوليو مهم جي ڪارڪردگي، مائڪرو پلاننگ ، رفيوزل ڪيسز ۽ ٻين انتظامي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران لاڳاپيل ڊاڪٽرن، ڊبليو ايڇ او جي نمائندن ۽ پوليو مهم سان لاڳاپيل عملدارن ڊپٽي ڪمشنر کي پوليو مهم جي موجوده صورتحال، مائڪرو پلان تي عملدرآمد ۽ فيلڊ ۾ پيش ايندڙ مسئلن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت هدايتون ڏيندي چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ وڌيڪ موثر ۽ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته رفيوزل ڪيسز گهٽائڻ لاءِ علائقي جي معزز ماڻهن، مذهبي اڳواڻن ۽ والدين سان رابطا وڌايا وڃن ته جيئن ماڻهن ۾ اعتماد پيدا ڪري سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته مائڪرو پلاننگ کي وڌيڪ بهتر ۽ عملي بڻايو وڃي، ڇو ته مضبوط مائڪرو پلان ئي پوليو مهم جي ڪاميابي جي ضمانت آهي. هن هدايت ڪئي ته هو پنهنجي ذميوارين کي ايمانداري ۽ لگن سان نڀائين ۽ پوليو ٽيمن جي هر گهر تائين پهچ کي يقيني بڻائين. ڊپٽي ڪمشنر پوليو مهم مان مثبت نتيجن جي اميد ظاهر ڪندي چيو ته اسان سڀني جي گڏيل ڪوششن سان اميد آهي ته ضلعي کي جلد پوليو فري بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. اجلاس ۾ پوليو ايمرجنسي ٽيم پاران ڊپٽي ڪمشنر کي يقين ڏياريو ته ڏنل هدايتن تي مڪمل عمل ڪيو ويندو ۽ پوليو جي خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊي سي ٺٽو پاران ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آپريشن
0 تبصرے