English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ۾ سيلف اسسمينٽ ٽيسٽ ۾ نمايان ڪاميابي ماڻيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ايوارڊ ورهائڻ جي تقريب
168 views
|
25th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
تقريب ۾ ٽائون چيئرمين حميد جيسر، استاد عبدالغفور زهراڻي ۽ لوڪل باڊيز جي ڊائريڪٽر راشد قاضي جي خاص شرڪت
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ڏوڪري اسٽوڊنٽس يونين جي اهتمام هيٺ منعقد ڪيل “سيلف اسسمينٽ ٽيسٽ” ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ايوارڊ، ميڊل ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ لاءِ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب جي صدارت ڏوڪري ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين حميد جيسر ڪئي، جڏهن ته ٽيچر عبدالغفور زهراڻي ۽ لوڪل باڊيز جي ڊائريڪٽر راشد قاضي خاص مهمان طور شريڪ ٿيا. تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين سان گڏ شهر جي وڏي انگ ۾ شهرين پڻ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڏوڪري ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين حميد جيسر، عبدالغفور زهراڻي ۽ راشد قاضي چيو ته ڏوڪري اسٽوڊنٽس يونين پاران اهڙي تعليمي ۽ ذهني تربيت واري سرگرمي جو اهتمام ڪرڻ انتهائي ساراهه جوڳو عمل آهي. هنن چيو ته سيلف اسسمينٽ ٽيسٽ جهڙيون ڪوششون شاگردن کي صرف مقابلي جي ميدان ۾ آڻڻ نه پر کين پنهنجي قابليت، سوچ ۽ ذهني سگهه کي سمجهڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿيون. اهڙيون سرگرميون تعليمي نظام ۾ موجود خالن کي ڀرڻ لاءِ انتهائي اهم آهن، ڇو ته هتي شاگرد عملي طور سکندا آهن ته امتحان کي خوف بدران اعتماد سان ڪيئن منهن ڏجي. هنن وڌيڪ چيو ته سماج جي ذميواري آهي ته هو اهڙين تعليمي ڪوششن جي حوصلا افزائي ڪري، ڇو ته نوجوانن ۾ خوداعتمادي، نظم و ضبط ۽ ذميواريءَ جو احساس پيدا ڪرڻ سان ئي هڪ صحتمند ۽ باخبر سماج تعمير ٿي سگهي ٿو. هنن اميد ظاهر ڪئي ته ڏوڪري اسٽوڊنٽس يونين مستقبل ۾ به اهڙيون سرگرميون جاري رکندي.ان کان اڳ سيلف اسسمينٽ ٽيسٽ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ ثاقب علي، ٻئي نمبر تي ايندڙ باک سولنگي ۽ ٽئين نمبر تي رهندڙ حسنين علي ڪٽپر کي شيلڊ ۽ ايوارڊ ڏنا ويا. جڏهن ته ڪائنات سومرو، رحمان جوڻيجو، بشير احمد، نورالعین مشتاق، فرزانه عنايت الله، شاهد جوڻيجو، احمد سومرو، سرفراز علي جيسر، غني بروهي، ذوالفقار ميراڻي، شفيق احمد ۽ ٻين اميدوارن کي بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي ميڊل ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏئي همٿايو ويو..
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڏوڪري ۾ سيلف اسسمينٽ ٽيسٽ ۾
تقريب ۾ ٽائون چيئرمين حميد جيسر
0 تبصرے