English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي ادبي سنگت شاخ موري جي دستوري گڏجاڻي
55 views
|
25th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
گڏجاڻي راشد مورائي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ٽائون ڪئمپس ۾ ٿي
مورو (جاني جماڻي) سنڌي ادبي سنگت شاخ موري جي دستوري گڏجاڻي راشد مورائي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول مورو ٽائون ڪئمپس ۾ ٿي گذري، جنهن جي صدارت نوجوان نقاد ۽ دانشور محترم علي خادم بالادي ڪئي. پروگرام جو آغاز خوبصورت آواز جي مالڪ علي دوست قاسمي لطيف سائين جي وائي سان ڪيو. دستوري گڏجاڻيءَ ۾ جن شاعرن ۽ اديبن پنھنجون نڪور تخليقون تنقيدي ۽ اصلاحي راين لاءِ پيش ڪيون، تن ۾ معشوق محسن ابڙو (غزل) خالد 'ساحل' ڪيريو ( مضمون)، صوفي امتياز ٻلال (غزل)، عنايت سولنگي (نظم)، ھاشم سولنگي (نثري نظم)، اظھار مخدوم (ڪھاڻي)، سراج عزيز (غزل)، مشڪ لغاري (غزل)، ۽ عزيز سابقي غزل ترنم ۾ پيش ڪيو. مٿين شاعرن ۽ اديبن جي تخليقن تي جن اديبن پنھنجا تنقيدي ۽ اصلاحي رايا ڏنا، تن ۾ پروفيسر شمشاد احمد سومرو، حسن صوفاڻي، دين محمد سيتائي، سڪندر ڪورائي، سيد ياسين شاھ، خادم حسين لانگاھ، بالا بلوچ، راؤ محمد اسلم ٽيپو، منور علي، مجاھد علي، ساگر علي حب، ۽ ٻيا شامل ھئا. ان موقعي تي نوجوان راڳي عابد حسين سولنگي ۽ ڪالو فقير پنھنجي خوبصورت آواز ۾ گيت پيش ڪيا.صدارتي راءِ ڏيندي نوجوان نقاد ۽ دانشور علي خادم بالادي چيو تہ اڄوڪي گڏجاڻيءَ ۾ شاعرن پنھنجا ڀرپور اسم پيش ڪيا. جن ۾ جماليات، رومانس، سماجيات، فطرت نگاري، علامت نگاري ۽ جدت جا انيڪ انڊلٺي رنگ ۽ ٻوليءَ جون حسناڪيون آھن. نوجوان شاعر،اسڪالر سنگت جي سيڪريٽري خالد 'ساحل' ڪيريي سنگت جي گڏجاڻين کي تسلسل سان ھلائي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب سان محبت جو ثبوت ڏنو آهي. اڄ سنگت شاخ موري جي گڏجاڻي جي صدارت ڪرڻ مون لاءِ اعزاز آھي. اميد آهي تہ سنڌي ادبي سنگت جون ھي دستوري گڏجاڻيون، تخليقي ۽ فڪري سفر مستقبل ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي زرخيزي ۾ اھم ثابت ٿينديون. ھن گڏجاڻيءَ جي ڪاروائي عنايت سولنگي ھلائي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌي ادبي سنگت شاخ موري
0 تبصرے