English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پپري ۾ وڌندڙ بدامني خلاف رهواسي رستن تي نڪري آيا، احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو
206 views
|
27th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
پپري ۾ بدامني وڌي وئي آهي، هر روز هٿياربند گھرن ۽ دڪانن جي اڳيان گشت ڪري فرار ٿي وڃن ٿا: اڳواڻ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)بن قاسم پپري ۾ وڌندڙ بدامني خلاف رهواسي وڏي تعداد ۾ احتجاج ڪندا رستن تي نڪري آيا جن جي اڳواڻي امير جھتيال، جاويد مزاري، عرفان سولنگي، منان شيخ، مصطفي راھوجو، آياز گبول ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي سوين شھري ۽ دڪاندار پپري چوڪ کان فٽبال گرائونڊ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي . مظاهرو ڪندڙن دڪان بند ڪري .احتجاجي ريلي ڪڍي ان دوران اڳواڻن چيو ته پپري ۾ بدامني وڌي وئي آهي، هر روز هٿياربند شخصن گھرن ۽ دڪانن جي اڳيان گشت ڪري فرار ٿي وڃن ٿا، جنهن سبب عوام خوف جي ڪري گهرن کان ٻاهر نه نڪري سگھي ٿي. اڳواڻن زور ڀريو ته پوليس عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.انهن مطالبو ڪيو ته آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي ايسٽ ۽ ايس ايس پي ملير کي فوري طور تي بن قاسم پوليس اسٽيشن تي ايماندار ۽ قابليت رکندڙ ايس ايڇ او مقرر ڪرڻ گهرجي ته جيئن عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پپري ۾ وڌندڙ بدامني خلاف رهواسي
0 تبصرے