English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ پوليس پاران اسماعيل سميجو قتل ڪيس ۾ الهداد سميجو جي گرفتاري ظاهر
159 views
|
28th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
زمين جي تڪرار تان اسماعيل کي ڳلو ڪپي قتل ڪندڙ الهداد سميجو کي گرفتار ڪري ورتو آهي: ايس ايس پي عزير ميمڻ
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ جي مقتول اسماعيل سميجو جي قتل ۾ ملوث ڄاڻايل جوابدر الھداد سميجو جي پوليس گرفتاري ظاھر ڪري ڇڏي، ايس ايس پي جي پريس ڪانفرنس. خبر موجب عمرڪوٽ شھر جي ڪاروباري علائقي موتي چوڪ لڳ 4 ڏينھن اڳ ۾ ڳلو ڪپڻ سبب مرڻينگ ٿيڻ بعد قتل ٿي ويل نوجوان محمد اسماعيل سميجو واري واقعي تي ايس ايس پي عمرڪوٽ عزير ميمڻ طرفان پريس ڪانفرنس ڪئي ويئي ۽ ڪيس ۾ مقتول جي والد جمال الدين سميجو پاران نامزد ڪيل مقتول محمد اسماعيل جي سئوٽ جوابدار الھداد سميجو جي گرفتاري پڻ پوليس ظاھر ڪري ڇڏي آھي ۽ ميڊيا آڏو پڻ پيش ڪيو ويو پريس ڪانفرنس دوران ڳالھائيندي ايس ايس پي عمرڪوٽ عزيز ميمڻ چيو ته 25 جنوري جي رات جو قتل ٿي ويل اسماعيل سميجو واري واقعي تي وارثن طرفان جوابدارن جي گرفتاري لاء ھئنل ڌرڻي ۾ اسان 5 ڏينھن جي مھلت گُھري ھئي ۽ سندن پاران پڻ جوڙيل ٽيمن ڪامياب ڪاروائي ڪندي مقتول جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار الھداد سميجو کي گرفتار ڪيو ويو آھي ايس ايس پي عذير احمد ميمڻ واقعي جي مک جوابدار الهداد سميجو جي گرفتاري شو ڪندي چيو ته پوليس ڪوشش ڪئي ته مقتول کي جلد کان جلد اسپتال منتقل ڪرائي سگھي پر بدقسمتي سان رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو ايڏي وڏي دردناڪ قتل وارو واقعو عمرڪوٽ ۾ ڪڏھن به ناھي ٿيو هن واقعي کان پوءِ عمرڪوٽ جا ماڻھو سخت خوف ۽ ڏھڪا ۾ مبتلا ھئا اسان ھن واقعي بابت جلد کان جلد ڪميٽي تشڪيل ڏني ھئي جنھن ۾ ڊي ايس پي عمرڪوٽ، ايس ايڇ او سٽي عمرڪوٽ، سي آئي اي انچارج، ايس ايڇ او صوفي فقير ۽ آئي ٽي جا ماڻھو شامل ھئا ۽ ھنن جوابدار الھداد سميجو ولد رمضان کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آھيون اسان 5 ڏينھن جو وقت گھريو ھو پر اسان ھڪ ئي ڏينھن ۾ جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين ھن چيو ته زمين جي معاملي تان تڪرار ھلندڙ ھو جنھن جي وڌيڪ جاچ پوليس ڪري رھي آھي وڌيڪ جاچ ھلي پئي ثبوت ھٿ ڪري جوابدار کي رمانڊ لاءِ پيش ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
26th Mar 2026
•
سندھ
گورنر سندھ سے سینیئر سیاستدان سید نفیس حیدر کی ملاقات،باہمی دلچسپی امور پر تبادلہ خیال
26th Mar 2026
•
پاکستان
الیکشن کمیشن نے سینیٹر مراد سعید کو نااہل قرار دے دیا
26th Mar 2026
•
دنیا
ایران کو جنگ کے دوران ڈرون اور خفیہ معلومات فراہم کرنے کی خبریں، روس کا ردعمل
26th Mar 2026
•
دنیا
پاسدارانِ انقلاب نے ایف 18 سمیت دو امریکی جنگی جہاز گرانے کا دعویٰ کیا
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير:آچار جوکيو ڳوٺ ڀرسان پاڻي جي لائين ۾ ٻڏي ويل نينگري جو لاش هٿ
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ٽائون ڪميٽي جي امڪاني برساتن کي منهن ڏيڻ بابت گڏجاڻي
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت پاران تعلقي گهوڙاٻاري جو تفصيلي دورو
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت تعليم صحت سميت ٻين بنيادي سھولتن جي فراھمي لاء ڪوشان آھي: پيرسيد ڪاظم علي شاھ لڪياري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ايس ايس پي عزير ميمڻ
عمرڪوٽ پوليس پاران اسماعيل سميجو
0 تبصرے