English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گهگهر ۾ حددخلين خلاف آپريشن، غيرقانوني دڪان ڊاهي پٽ
53 views
|
28th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
يوسي چيئرمين حاجي اڪبر ڪلمتي جي نگراني ۾ آپريشن
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڊپٽي ڪمشنر ملير جي هدايتن تي يوسي گهگهر ۾ حددخلين خلاف وڏي پيماني تي ڪارروائي ڪئي وئي. آپريشن يوسي چيئرمين حاجي اڪبر ڪلمتي ۽ وائس چيئرمين خليفو عبدالستار جوکيو جي اڳواڻي ۾ عمل ۾ آندو ويو، جنهن دوران روڊن ۽ رستن تي قائم غيرقانوني دڪان ڊاهي پٽ ڪيا ويا جڏهن ته روڊ تي بيٺل رڪشا ۽ ريڙها به هٽايا ويا.ڪارروائي دوران انتظاميا جون ٽيمون، يوسي عملي ۽ لاڳاپيل ادارن جا اهلڪار موجود هئا. آپريشن سبب علائقي ۾ ٽريفڪ جي رواني بحال ٿي ۽ شهرين کي آمدرفت ۾ سهولت ملي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيئرمين حاجي اڪبر ڪلمتي ۽ وائس چيئرمين خليفو عبدالستار جوکيو چيو ته دڪاندارن ۽ ريڙهي وارن روڊ کي مڪمل طور تي بند ڪري ڇڏيو هو، جنهن سبب شهرين کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئي رهيو هو. هنن چيو ته عوامي شڪايتن ۽ ٽريفڪ جي مسئلن کي نظر ۾ رکندي ڊپٽي ڪمشنر ملير جي هدايتن تي اها ڪارروائي ڪئي وئي آهي، هنن وڌيڪ چيو ته روڊن ۽ رستن کي حددخلين کان آجو ڪرائڻ لاءِ اهڙيون ڪاروايون هاڻي باقاعدگي سان جاري رهنديون ۽ جيستائين رستا مڪمل طور صاف نٿا ٿين، آپريشن جاري رکيو ويندو، هڪ سوال جي جواب ۾ چيئرمين ۽ وائس چيئرمين چيو ته قومي شاهراهه تي رڪشن ۽ هيوي گاڏين جي بيهڻ خلاف لاڳاپيل ادارن کي باقاعده خط لکيا ويا آهن، ۽ اميد آهي ته انهن خلاف به جلد ڪارروائي ڪئي ويندي ته جيئن ٽريفڪ جام ۽ حادثن کان بچي سگهجي.شهرين انتظاميا جي هن قدم کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته اهڙيون ڪاروايون تسلسل سان جاري رکيون وينديون ته جيئن گهگهر سميت پوري علائقي ۾ ٽريفڪ، صفائي ۽ امن امان جي صورتحال بهتر بڻجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گهگهر ۾ حددخلين خلاف آپريش
0 تبصرے