English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ مختلف برانچ انچارجز جو اجلاس
160 views
|
29th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ ري رائيٽ ، ري ڪنٽرڪشن، ريونيو معاملن ۽ ٻين معاملن جو جائزو
ٺٽو( شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ ايڊشنل ڊپٽي ڪمشنرز ، اسسٽنٽ ڪمشنرز ، مختيارڪار ۽ ڊي سي آفيس جا مختلف برانچ انچارجز جو هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ري رائيٽ ، ري ڪنٽرڪشن، جمعبندي ، ريونيو معاملا، فيلڊ ۾ درپيش چئلينجز سميت ٻيا انتظامي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو . اجلاس ۾ خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر سڀني اسسٽنٽ ڪمشنرز کي سخت هدايت ڏني ته ڪنهن به دٻاءَ کي خاطر ۾ آڻڻ بغير عوامي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪن ۽ بنا امتیاز انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائن. هن چيو ته ريونيو رڪارڊ جي باقاعده انسپيڪشن کي يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته جعلي رڪارڊ سامهون اچڻ جي صورت ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر واضح ڪيو ته عدالتي مقدمن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، ۽ مقرر وقت تي رپورٽون عدالت ۾ جمع نه ڪرائڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل مختيارڪار خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته سڀني آفيسرن ۽ ملازمن وقت جي پابندي کي يقيني بڻائن، آفيسن ۾ باقاعده حاضري ڏين ۽ فيلڊ ۾ سرگرم رهي عوام جا مسئلا پاڻ ٻڌن ته جيئن فوري اقدام ذريعي عوام کي رليف فراهم ڪري سگهجي. هن زور ڏنو ته ريونيو معاملن کي شفاف ۽ بروقت نپٽايو وڃي ته جيئن عوام کي سرڪاري آفيسن جي غير ضروري چڪر کان بچايو وڃي. ڪرپشن ۾ ملوث ۽ فرضن ۾ غفلت برتندڙ آفيسرن ۽ ملازمن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ان کان علاوه، بازارن جي دوري ڪري تجاوزات جي خاتمي ۽ ضروري شين جي وڪرو تي سخت نظر رکڻ جي هدايت ڪئي وئي . ڊپٽي ڪمشنر ضلعي ۾ لڳل آر او پلانٽس جو ستن ڏينهن اندر دوري ڪري تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ، ته جيئن انهن کي فعال بڻائڻ لاءِ مؤثر قدم کنيا وڃن. اجلاس دوران اسسٽنٽ ڪمشنرز ۽ مختيارڪار آفيسن جي خستہ حالي ۽ ٻين درپيش مسئلن کان آگاھ ڪيو، جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر مسئلن جي فوري حل جي يقين ڏياريو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊي سي ٺٽو جي صدارت هيٺ مختلف
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت
0 تبصرے