English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
بحريا ٽائون انتظاميه جي ڪارروائي، فليٽن آڏو گذرندڙ ٻڪرين کي پڪڙي ورتو
30 views
|
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
بحريه ٽائون انتظاميه فليٽن آڏو گذرڻ ٻڪريون غيرقانوني طريقي سان کڻي وئي: ڳوٺاڻا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)بحريا ٽائون ڪراچي جي انتظاميه طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر انتهائي تڪراري ۽ غيرقانوني ڪاروائي ڪئي ويئي آهي، جنهن تحت مقامي آبادي جي جانورن کي مبينا طور بنا ڪنهن قانوني جواز جي گرفتار ڪري في جانور ٻه هزار رپيا نقد ڏنڊ وصول ڪيو پيو وڃي، گذريل ڏينهن دريا خان گبول گوٺ جي رهواسين جون چار ٻڪريون بحريا ٽائون جي لگزري گهرن جي سامهونان گذريون ته بحريا ٽائون جي رهواسين ۽ انتظاميه ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٻڪرين کي پڪڙي ورتو ۽ سيڪيورٽي لاڪ اپ ۾ بند ڪري ڇڏيو۔ متاثر ماڻهن جو چوڻ آهي ته ٻڪرين کي ”گرفتار“ ڪرڻ ۽ انهن تي جرمانو لاڳو ڪرڻ سراسر زيادتي ۽ ظلم آهي۔علائقي واسين جو چوڻ آهي ته بحريا ٽائون پاڻ اڃا تائين نيَب، اينٽي ڪرپشن سميت ٻين قانوني ادارن آڏو جوابده آهي ۽ مختلف ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته بحريا ٽائون جو مالڪ ملڪ رياض ڊگهي عرصي کان روپوش آهي ۽ عدالتي ڪارروائين کان پاسو ڪري رهيو آهي۔ اهڙي صورتحال ۾ هڪ تڪراري ۽ غيرقانوني منصوبي جي انتظاميه جو پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهڻ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿو۔مقامي ماڻهن جو مؤقف آهي ته جن زمينن تي اڄ بحريا ٽائون جا وڏا ۽ شاندار بنگلا تعمير ٿيل آهن، اهي زمينون صديون پراڻيون مقامي آباديون، گوٺ، چراگاهن جا ميدان، جبل، زرعي زمينون ۽ قدرتي پاڻي جي وهڪرن تي مشتمل هيون، جتي انسانن سان گڏ جانورن جي روزگار ۽ گذر سفر جو ذريعو موجود هو۔علائقي واسين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هڪ طرف هزارين ايڪڙ زمينن تي قبضا، قدرتي وسيلن جي تباهي ۽ جعلسازي وسيلي ايترو وڏو پروجيڪٽ ٺاهڻ قابلِ گرفت نٿو سمجهيو وڃي، ته ٻي طرف ڪجهه ٻڪرين جو روڊ تي اچي وڃڻ آخر ڪهڙي قانون تحت وڏو ڏوهه بڻجي ويو آهي شهرين، سماجي حلقن ۽ مقامي معزز ماڻهن مطالبو ڪيو آهي ته بحريا ٽائون انتظاميه ۽ ان جي سيڪيورٽي گارڊن خلاف فوري طور تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي ۽ مقامي آبادي کي هراسان ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
بحريا ٽائون انتظاميه جي ڪارروائي
0 تبصرے