English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير:طوفاني برساتن سبب ديھ الھ ٻنون جا ڳوٺ تباھي جو شڪار
149 views
|
24th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
بجلي جا ڪيترا ٿنڀا ڪرڻ سبب هڪ هفتي کان بجلي بند پيل, پاڻي جي کوٽ، مهاڻن کي لکين رپين جو نقصان
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي ڪياماڙي سمنڊ ڪناري آباد ديھ الھ ٻنون ۽ ان جي ڀرپاسي وارن سامونڊي علائقن ۾ تازو پيل تيز طوفاني برساتن ۽ هوائن وڏي پيماني تي تباھي مچائي ڇڏي آهي، جنهن سبب ڪيترن ئي ڳوٺن جو انفرااسٽرڪچر سخت متاثر ٿيو آهي۔مقامي ذريعن موجب، تيز هوائن ۽ برساتن دوران بجلي جا ڪيترائي کنڀا ڪري پيا، جڏهن ته مکيه روڊن تي بجلي جون تارون پکڙجي ويون آهن، جنهن ڪري نه رڳو آمد و رفت متاثر ٿي آهي پر انساني جانين کي به خطرو ٿي ويو آهي۔ خاص طور تي ڳوٺ حاجي نور محمد ڀنڊڳوٺ ۽ الھ بخش ڀنڊڳوٺ گذريل هڪ هفتي کان مڪمل طور تي بجلي کان محروم آهن، جنهن سبب رهواسين کي سخت ڏکائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔ هوڏانهن، سامونڊي ڪناري تي بيٺل ڪيترن ئي مهاڻن جون ٻيڙيون طوفاني لهرن ۽ هوائن سبب پاڻ ۾ ٽڪرائجي تباهه ٿي ويون آهن، جنهن ڪري غريب پورهيت مهاڻن کي لکين روپين جو مالي نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي۔ متاثر مهاڻن جو چوڻ آهي ته سندن روزگار جو واحد ذريعو اهي ٻيڙيون هيون، جيڪي هاڻي ناقابلِ استعمال بڻجي ويون آهن۔ علائقي واسين شڪايت ڪئي آهي ته هن سنگين صورتحال باوجود نه ته ڪي اليڪٽرڪ پاران ڪا فوري ڪارروائي ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي چونڊيل نمائندن يا لاڳاپيل ادارن جي ذميوارن علائقي جو دورو ڪيو آهي۔ ان کان علاوه مهاڻن جي تنظيمن طرفان به ڪا خاص مدد يا آواز نه اٿاريو ويو آهي، جنهن سبب متاثر ماڻهو پاڻ کي بي يارو مددگار محسوس ڪري رهيا آهن۔ ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته مکيه روڊ تي ڪريل بجلي جا کنڀا ۽ تارون حادثن جو سبب بڻجي سگهن ٿيون، تنهنڪري فوري طور تي انهن کي هٽائڻ ۽ بجلي بحال ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن۔ هنن حڪومت، ضلعي انتظاميا ۽ فلاحي ادارن کي اپيل ڪئي آهي ته فوري امدادي ڪارروايون ڪري متاثر خاندانن جي مالي مدد ڪئي وڃي ۽ مهاڻن کي سندن روزگار بحال ڪرڻ لاءِ سهائتا فراهم ڪئي وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
بجلي جي اڻهوند سبب
ملير:طوفاني برساتن سبب ديھ الھ ٻنون
0 تبصرے