English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: مانسهره ڪالوني ۾ گندو پاڻي جمع، رهواسي پريشان
166 views
|
25th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سي ون اسٽاپ 8هزار روڊ تي ڪيتري عرصي کان گندو پاڻي بيٺل
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ٽائون جي مانسهره ڪالوني C-1 اسٽاپ اٺ هزار روڊ تي ڪيتري عرصي کان پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ نيڪال جي گندي پاڻي جمع ٿيڻ سبب علائقي واسين کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔ علائقي واسين موجب برساتي نالي ۽ سيوريج لائين بند هجڻ سبب گندو پاڻي روڊ تي بيهي رهيو آهي، جنهن ڪري نه رڳو آمدرفت متاثر ٿي رهي آهي پر علائقي ۾ بدبوءِ ۽ بيمارين پکڙجڻ جو خطرو پڻ وڌي ويو آهي۔ شهرين جو چوڻ آهي ته روڊ تي پاڻي بيهڻ سبب گاڏين جي اچ وڃ ۾ سخت ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، جڏهن ته پيادل هلندڙ ماڻهن کي به سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔رهواسين ٻڌايو ته مانسهره ڪالوني اندر ايندڙ رستو به پاڻي هيٺ اچي ويو آهي، جنهن سبب شاگردن، بزرگن ۽ عورتن کي روزمرهه جي ڪمن ڪارين ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ڀيرا لاڳاپيل ادارن کي شڪايتون ڪرڻ باوجود مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي۔علائقي واسين حڪومت، واٽر ڪارپوريشن، بلدياتي ادارن ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور برساتي نالي ۽ سيوريج لائين جي صفائي ڪرائي پاڻي جي نيڪال جو بندوبست ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: مانسهره ڪالوني ۾ گندو پاڻي
0 تبصرے