ڪراچي (رپورٽرز وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪوٽڙي جي صحافي ڀائرن کي مبينا ڌمڪيون ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪياو يا، ڪوٽڙيءَ ۾ صحافين حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي ڪوٽڙيءَ جي صحافي ڀائرن کي قتل جون ڌمڪيون ڏيڻ ۽ سندن گهرن تي حملن خلاف احتجاج ڪيو ويو ڪوٽڙيءَ ۾ صحافين سينيئر صحافي يوسف سارنگ، سرمد شورو، آزاد يامين خاصخيلي، علي منڱريو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي صحافي احتجاج دوران ڪوٽڙيءَ جي صحافين اسماعيل باريجو، ڌڻي بخش باريجو ۽ ٻين کي قتل جون ڌمڪيون ڏيندڙ بااثرن خلاف زوردار نعريبازي ڪندا رهيا، سيوھڻ ۾ نيشنل پريس ڪلب جي صحافين پاران حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي ڪوٽڙي جي صحافي ڀائرن کي ڌمڪيون ملڻ خلاف احتجاج ۽ علامتي بک ھڙتال, صحافي برادري پريس ڪلب جي صدر ذوالفقار سولنگي ۽ جنرل سيڪريٽري حسين بخش ڏاھري جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري پريس ڪلب آڏو بک ھڙتال ڪئي وئي, قلم ڌڻين ڪوٽڙي جي سينيئر صحافين اسماعيل باريجو, ڌڻي بخش باريجو ۽ عظيم باريجو کي بااثر پاران ماتمار ڌمڪيون ڏيڻ جي مذمت ڪئي ۽ تحفظ ڏيڻ لاء نعريبازي ڪئي, احتجاج ۾ سينيئر صحافين نصرالله انصاري, اشرف عطار, عارف ميمڻ, علي بخش سولنگي, احمد علي سولنگي, حسين جتوئي, اعجاز سولنگي, اياز ڀٽي, اختر سولنگي, دانش سولنگي, مير حمزا سمون, اسد الله ميمڻ ۽ ٻيا شريڪ هئا. کاڻوٺ ڀرسان مانجهند ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جي سڏ تي ڪوٽڙي جي صحافي ڀائرن اسماعيل باريجو ڌڻي بخش باريجو عظيم باريجو کي موتمار ڌمڪيون ملڻ ۽ مهم جوئي خلاف شاهي بازار مان ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي يوسف عمراڻي گلزار ملاح محرم خاصخيلي سهيل ڀٽي سني ڀنڊ ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ گوتم چنا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪوٽڙي جي صحافين کي سچ لکڻ تي بنا جواز موتمار ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن جڏهن ته سندن خلاف مهم جوئي ڪئي پئي وڃي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، ڀان سيدآباد ۾ ڪوٽڙي جي صحافي باريجا ڀائرن کي تحفظ لاء قلم ڌڻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، صحافين پريس ڪلب جي صدر ذوالفقار مينگل، يونين آف جرنلسٽ ضلعي ڄامشوري جي صدر مظفر کوکر جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ڀان سيدآباد اڳيان احتجاج ڪيو. احتجاج ۾ پريس ڪلب ڀان سيدآباد جي جنرل سيڪريٽري آصف علي ميمڻ، آدم مينگل، پرديپ ڪمار، نظام الدين ڳنڀير، خالد چنا، عبدالڪريم جمالي، صفر خشڪ سميت ٻين صحافين شرڪت ڪئي. سندن چوڻ هو ته ڪوٽڙي جي صحافين اسماعيل باريجو، ڌڻي بخش باريجو، عظيم باريجو کي ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪاروائي ڪري صحافي ڀائرن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. قمبر ۾ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب جي صحافين طرفان ڄام شورو ۾ حق ۽ سچ لکڻ تي بااثر ملڪ اسد سڪندر جي غنڊن طرفان صحافي ڀائرن جي گهرن تي حملا ڪري موت مار ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن جي گرفتاري ۽ پوليس جي نااهلي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو صحافين نور احمد کوسو رحيم منگي ،حاڪم خاصخيلي محمد مٺل کوسو،اڪبر چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ عظيم باريجو ڌڻي بخش باريجو ۽ اسماعيل باريجو جي گهرن تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي جنهن جو ڪيس ڄام شورو ٿاڻي تي جوابدارن خلاف داخل ڪرايو پر پوليس وڏيرن جي ونگار وهندي جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويتر جوابدار ڌمڪائي هيسائي رهيا آهن، هوڏانهن ڪوٽڙي جي صحافين جي گهرن تي حملا ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف گمبٽ ۾ يونين آف جنرلسٽ جي صحافين پاران پريس ڪلب گمبٽ اڳيان علامتي بک هڙتال، احتجاجي مظاهرو، صحافين مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو. صحافي هميشه حق سچ جو آواز اعلي ايوانن تائين پهچائين ٿا، حق سچ لکڻ تان صحافين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. احتجاج ڪندڙ صحافين ڪشور ڪمار، قمر الدين شيخ، زبير سيال، فياض رتڙ، حيدر اڄڻ، انور منگي ۽ ٻين سنڌ حڪومت آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته صحافين مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ڪوٽڙي جي صحافي ڀائرن جي گهرن تي حملي خلاف دادو جي قلم ڌڻين جو احتجاج، دادو پريس ڪلب جي صحافين ولي محمد لنڊ، نظام شيخ، گلڻ ڀنڊ ۽ ٻين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، قلم ڌڻين دانهيون ته ڪوٽڙي جي صحافي ڀائرن عظيم باريجو، اسماعيل باريجو ۽ ڌڻي بخش باريجو کي هڪ سوچيل سمجهيل گهري سازش تحت نشانو بڻايو پيو وڃي ڏيپلو ۾ به ڪوٽڙي جي صحافي ڀائرن عظيم باريجو۔ اسماعيل باريجو۔ڌڻي بخش باريجو۔ جي گهرن تي بااثرن جي غنڊن جي چڙھائي ۽ انهن پاران ڏنل موتمار ڌمڪين خلاف صحافي رياض بجير۔ نريش موراڻي۔ فرمان بجير۔ يونس بجير۔ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي هوڏانهن حيدرآباد يونين آف جنرلسٽ جي سڏ تي عمرڪوٽ يونين آف جنرلسٽ پاران پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي وئي ڪوٽڙي جي صحافي ڀائرن کي ڌمڪائڻ ۽ ھراسان ڪرڻ خلاف عمرڪوٽ پريس ڪلب آڏو علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي جنھن ۾ عمرڪوٽ يونين آف جرنلسٽ جي اڳواڻن سينئر صحافي ممتاز آريسر لجپت مالھي الياس ٿري نظر محمد سميجو رسول بخش رحيمداڻي مدن گوپال ولي خان پٺاڻ سيف الله منگريو ڪانجي مل رکيسر قربان جنجھي سوائي رکيسر ۽ ٻين شرڪت ڪئي اڳواڻن چيو ته ڪوٽڙي جي صحافي ڀائرن کي بااثرن پاران ملندڙ ڌمڪين جي مذمت ڪيون ٿا ۽ صحافين کي ڌمڪين جو سنڌ سرڪار نوٽيس ھنن چيو ته سموري سنڌ جي صحافين خلاف پوليس جي مدد سان ڪاروايون ڪيون پيون وڃن ۽ صحافين جي حق سچ جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي سنڌ سرڪار نوٽيس وٺي فوري طور ڪوٽڙي سميت سموري سنڌ جي صحافين کي تحفظ ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائينداسين، ٻي طرف ڪوٽڙي جي صحافي ڀائرن اسماعيل باريجو، ڌڻي بخش باريجو ۽ عظيم باريجو جي گهرن تي حملي ۽ کين حراسان ڪرڻ واري عمل خلاف حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس يونٽ ٺٽو پاران ٽن ڏينهن وارو احتجاج توڙي علامتي بک ھڙتال ٺٽي ۾ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان ٽن ڏينهن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي ويئي آھي، جنهن ۾ ايڇ يو جي ضلعي صدر شبير ڀٽي، ضلعي اڳواڻن علي اڪبر دلواڻي،ضلعي جنرل سيڪريٽري بلاول سمون،عوامي پريس ڪلب جي اي بي شورو ۽ شعيب ناريجو، ايڇ يو جي مرڪزي نائب صدر اعجاز واريو، سينيئر صحافين خدا بخش بروهي، اسماعيل ميمڻ، منصور جلالاڻي، رشيد جاکرو، شيراز واريو، جاويد لطيف ميمڻ، محمد ميمڻ،گجو پريس ڪلب جي اقبال ميمڻ، عزيز جوڳي،نيشنل پريس ڪلب گھارو جي قادر پنھور ۽ خالد عزيز جتوئي، مرزا حسن بيگ، سارنگ چانڊيو، مرزا اڪبر بيگ، ايوب ملاح، شفيق عابداڻي، زاھد شيخ، شعيب پٺاڻ، محمود ڀنڀرو ۽ ٻين صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. احتجاج دوران صحافين صحافي برادري کي حراسان ڪرڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي زوردار نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ته ڪوٽڙي جي ٽنهي صحافي ڀائرن کي فوري طور تحفظ فراهم ڪري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي۔
0 تبصرے