English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ ٽائون ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران، خميسو جوکيو جي ڳوٺاڻن جو ڌرڻو
117 views
|
30th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ڪيترن ئي ڏينهن کان پيئڻ جو پاڻي موجود ناهي، سخت تڪليفن ۾ مبتلا آهيون: رهواسي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ ٽائون ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ خلاف خميسو جوکيو ڳوٺ جي رهواسين احتجاجي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب گڏاپ سٽي موٽر وي تي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ مڪمل طور معطل ٿي وئي۔احتجاج ڪندڙن پاڻي جي مسلسل کوٽ ۽ لاڳاپيل ادارن جي بي ڌياني خلاف روڊ تي ٽائر ساڙي سخت احتجاج ڪيو۔ مظاهرين جو چوڻ هو ته گڏاپ ٽائون جي مختلف علائقن ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان پيئڻ جو پاڻي موجود ناهي، جنهن ڪري عورتن، ٻارن ۽ بزرگن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔احتجاج دوران مظاهرين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب موٽر وي تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون ۽ مسافرن کي سخت پريشاني پيش آئي احتجاج ڪندڙن حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن خلاف نعريبازي پڻ ڪئي ۽ فوري طور پاڻي فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو۔مظاهرين موجب ڪيترن ڏينهن کان گهرن ۾ پاڻي ناهي ٽينڪر مافيا مهانگي اگهن تي پاڻي وڪرو ڪري رهيو آهي شڪايتن باوجود اختيارين ڪو نوٽيس نه ورتو علائقي واسي پاڻي جي کوٽ سبب سخت پريشان آهن مظاهرين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن فوري طور پاڻي جي فراهمي بحال نه ڪئي وئي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ وڌيڪ اهم شاهراهن کي پڻ بند ڪيو ويندو۔اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ انتظاميه جي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ مظاهرين سان ڳالهيون شروع ڪيون ويون۔ اختيارين طرفان مسئلو جلد حل ڪرڻ جي خاطري پڻ ڪرائي وئي۔واضح رهي ته گڏاپ ٽائون جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ جو مسئلو گهڻي عرصي کان جاري آهي، جڏهن ته تازو ڏينهن ۾ صورتحال وڌيڪ سنگين بڻجي وئي آهي، جنهن ڪري شهري سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن۔ علائقي واسين حڪومت سنڌ، واٽر بورڊ ۽ ضلعي انتظاميه کان فوري نوٽيس وٺي مستقل بنيادن تي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گڏاپ ٽائون ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران
0 تبصرے