English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ روينيو آفيسرن جو اجلاس
167 views
|
01st Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اجلاس دوران رڪارڊ آف رائٽس جي نئين سر لکت جي عمل بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ روينيو آفيسرن جو هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ضلعي ڀر ۾ هلندڙ روينيو سان لاڳاپيل معاملن ۽ انتظامي امور تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو۔ اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ، مختيارڪارن ، اسسٽنٽ مختيارڪارن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي۔ اجلاس دوران رڪارڊ آف رائٽس جي ازسرنو تحرير جي عمل بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته هن عمل کي شفاف ۽ بروقت مڪمل ڪرڻ تي زور ڏنو ويو۔ ڊپٽي ڪمشنر هدايت ڪئي ته زمينن جي رڪارڊ کي جديد بنيادن تي استوار ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي پيش ايندڙ مسئلن جو خاتمو ممڪن بڻائي سگهجي۔ اجلاس ۾ فائر سيفٽي آڊٽ (انٽرميڊيٽ) بابت به اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، ۽ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي ته سرڪاري ۽ نجي عمارتن ۾ حفاظتي اپاءَ کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ڪنهن به ناخوشگوار واقعي کان بچي سگهجي۔ اجلاس ۾ پيٽرول ۽ سي اين جي جي قيمتن تي ڪنٽرول لاءِ حڪمت عملي تي پڻ غور ڪيو ويو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي وئي ته مقرر ڪيل اگهن تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن عوام کي رليف فراهم ٿي سگهي۔ ان موقعي تي ڪي پي آئيز (KPIs) اجلاس جي تيارين جو به جائزو ورتو ويو ۽ آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي ته پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ مڪمل تياري سان پيش ڪن۔ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سڀني لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجن شعبن ۾ هلندڙ ڪمن جي رفتار تيز ڪن ۽ عوامي مسئلن جي حل کي ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻائين
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت
0 تبصرے