English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مارو خاصخيلي ڳوٺ درساڻو ڇنو ۾ عورتن جو عالمي ملهايو ويو
179 views
|
01st Apr 2026
•
سنڌي خبرون
محمد جميل خاصخيلي، غلام محمد خاصخيلي ۽ اياز خاصخيلي پاران تقريب منعقد
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ ٽائون ملير جي مارو خاصخيلي ڳوٺ درساڻو ڇنو ۾ عورتن جو عالمي ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائيو ويو۔ تقريب جو اهتمام سماجي اڳواڻن محمد جميل خاصخيلي، غلام محمد خاصخيلي ۽ اياز حسين خاصخيلي فوڪل پرسن IRC ٽيم جي گڏيل ڪوششن سان ڪيو ويو، جنهن ۾ ڳوٺاڻن ۽ مختلف ادارن جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ تقريب ۾ يونين ڪاميٽي درساڻو جي وائيس چيئرمين غلام مرتضيٰ بلوچ، سمرا فائونڊيشن جي نائب صدر رجب علي جوکيو، مهراڻ جي يو سي درساڻو جي ڪوآرڊينيٽر اياز حسين خاصخيلي سميت ٻين معزز شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي مختلف سماجي ادارن جهڙوڪ IRC، CARE ۽ نساء تحريڪ جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي، جن عورتن جي حقن، سندن اهميت ۽ سماج ۾ عورتن جي ڪردار بابت تفصيلي روشني وڌي۔ مقررن چيو ته عورتن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ سان ئي معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهجي ٿي۔ تقريب دوران IRC جي مس آسماءُ ۽ پروجيڪٽ مينيجر بخت بيراني شرڪت ڪندڙ عورتن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام ورهائي سندن همٿ افزائي ڪئي۔ جڏهن ته CARE ٽيم مان مس ڪرن ماھي ۽ مس معصوما پڻ پنهنجي ٽيم سان گڏ تقريب جي انعقاد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔ان موقعي تي IRC فوڪل پرسن شبانه ميمڻ، مريم، مس آسماءُ ڪوآرڊينيٽر ملير IRC، فيلڊ آفيسر شيراز احمد ۽ مس شيما برهمڻي پڻ موجود هئا۔تقريب دوران عورتن جي سکيا، سماجي شعور ۽ سندن ترقي بابت ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا، جن کي شرڪت ڪندڙن وڏي دلچسپي سان ڏٺو۔ مقرر چيو ته اهڙيون تقريبون عورتن ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۽ سندن بااختياري لاءِ اهم قدم ثابت ٿين ٿيون۔تقريب جي آخر ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ، تعليم جي واڌاري ۽ سماجي ترقي لاءِ گڏيل ڪوششن جاري رکڻ جو عزم پڻ ورجايو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مارو خاصخيلي ڳوٺ درساڻو ڇنو
عورتن جو عالمي ملهايو ويو
0 تبصرے