نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ميونسپل ڪاميٽي ۾ سينيٽيشن اسٽاف ڊي ملهائي وئي، جنهن ۾ صفائي ڪندڙ عملي جي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي۔ تقريب ۾ آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ڪشن راجا، سنڌ ضلعي نوشهروفيروز جي صدر نويد احمد ٽگر، مزدور يونين جي سرپرست اعليٰ مولابخش شيخ، جنرل سيڪريٽري عمران راجپر، سينيئر نائب صدر قلندر بخش شيخ ۽ فنانس سيڪريٽري محبوب شيخ سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي سڀني سينيٽري اسٽاف کي گل پيش ڪيا ويا ۽ سندن محنت، لگن ۽ شهر جي صفائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي کين سلام پيش ڪيو ويو۔
0 تبصرے