English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ ونڊ پاور پروجيڪٽس بابت اجلاس
190 views
|
02nd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
لاڳاپيل فنڊز جي مؤثر استعمال، سيڪيورٽي انتظامن ۽ ٻين مسئلن بابت جائزو ورتو ويو
ٺٽو (شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاگت جي صدارت هيٺ ونڊ پاور پروجيڪٽس سان لاڳاپيل فنڊز جي مؤثر استعمال ، سيڪيورٽي انتظامن ۽ ٻين پيش ايندڙ مسئلن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اهم اجلاس دربار هال مڪلي ۾ منعقد ٿيو۔ اجلاس ۾ لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن، توانائي شعبي جي نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا جي عملدارن شرڪت ڪئي۔ ڊپٽي ڪمشنر هدايت ڪئي ته ونڊ پاور منصوبن لاءِ مختص ڪيل فنڊز کي شفاف ۽ مؤثر انداز ۾ استعمال ڪيو وڃي ته جيئن مقامي آبادي کي وڌ کان وڌ فائدو ملي سگهي۔اجلاس ۾ ڪمپنين جي سيڪيورٽي معاملن تي پڻ غور ڪيو ويو ۽ ان حوالي سان لاڳاپيل ادارن کي ضروري قدم کڻڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي۔ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سيڙپڪاري جي تحفظ لاءِ فول پروف سيڪيورٽي انتهائي ضروري آهي۔ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته فنڊز جي استعمال جي نگراني لاءِ هڪ خاص ڪميٽي پڻ جوڙي وئي آهي، جيڪا باقاعدي رپورٽ پيش ڪندي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته سمورا فنڊز قاعدن ۽ ضابطن موجب خرچ ٿي رهيا آهن۔ان موقعي تي سماجي بهتري جي قدمن تحت مستحق شاگردن لاءِ زيبسٽ ۾ اسڪالرشپس ڏيڻ جي تجويز تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ته جيئن علائقي جي نوجوانن کي تعليمي موقعا فراهم ڪري سگهجن۔ڊپٽي ڪمشنر زور ڀريو ته مقامي ماڻهن کي روزگار ۾ ترجيح ڏني وڃي ۽ ترقياتي منصوبن جا فائدا سڌو سنئون عوام تائين پهچايا وڃن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊي سي سرمد علي ڀاڳت جي
0 تبصرے