English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير پوليس جون 2وڏيون ڪارروائيون، هڪ زخمي سميت 2 ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
211 views
|
02nd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ضلعي ۾ پوليس مختلف ڪارروائين دوران منشيات فروش کي گرفتار ڪري وڏي مقدار ۾ چرس هٿ ڪري ورتو، جڏهن ته قائدآباد جي علائقي ۾ موٽر سائيڪل چوري ڪندڙ گينگ سان مقابلي دوران هڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي۔ پوليس موجب شاهه لطيف پوليس ڳجهي اطلاع تي ٿانه شاهه لطيف جي حد ڪوهي ڳوٺ ۾ ڪارروائي ڪئي، جتي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 2150 گرام اعليٰ معيار جي چرس ۽ وڪري جي رقم هٿ ڪئي وئي۔ گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ حماد جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو پنهنجي ساٿين سان گڏ مختلف علائقن ۾ منشيات وڪرو ڪندو هو۔ پوليس موجب جوابدار جو ڪرمنل رڪارڊ پڻ چيڪ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته سندس خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي۔ ٻئي طرف قائدآباد پوليس قائدآباد ٿاڻي جي حد ريڙهي روڊ احسان گرائونڊ لانڍي وٽ موٽر سائيڪل چوري ڪندڙ گينگ خلاف ڪارروائي ڪئي۔ ان دوران پوليس ۽ جوابدارن وچ ۾ فائرنگ جو ڏي وٺ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته سندس ساٿي فائرنگ ڪندو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو۔پوليس موجب گرفتار زخمي جوابدار جي سڃاڻپ گل بادشاه ولد سخيپ شاه جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو موٽر سائيڪل چوري جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ گهربل هو۔ پوليس جوابدار وٽان هڪ عدد غيرقانوني 9 ايم ايم پستول، ايمونيشن، نقد رقم ۽ هڪ موٽر سائيڪل پڻ هٿ ڪري ورتي۔پوليس موجب زخمي جوابدار کي فوري طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هٿ آيل هٿيار فرانزڪ جاچ لاءِ موڪليو ويندو۔ گرفتار جوابدار جو ڪرمنل رڪارڊ جديد سرچ ڊيوائس ذريعي چيڪ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته فرار ٿيل جوابدار جي ڳولا جاري آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير پوليس جون 2وڏيون ڪارروائيون
0 تبصرے