English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
142 views
|
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري: ڳوٺ حڪيم سنديلو ۾ ايس پي اڳواڻ مشتاق سنديلو پاران قومي ڪچهري منعقد
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ چيو آھي ته سنڌ جي ھزارين سالن جي قديم تھذيب جو پڙاڏو سدائين گونجندو رھندو،سنڌو درياءُ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي جياپي جو واحد اھڃاڻ آھي جنھن جي حفاظت اسان جو فرض آهي،جيڪو ڏينھن قيامت تائين قائم ۽ دائم رھندو.ملڪ جا حڪمران اوڌر جا پئسا وٺي ملڪ ھلائي رهيا آهن پيو وڃي،ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا. زين شاھ ، تفصيل موجب ڏوڪري ويجھو ڳوٺ حڪيم سنديلو ۾ قومپرست اڳواڻ مشتاق سنديلو طرفان منعقد ڪيل قومي ڪچھري کي خطاب ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ چيو ته حڪومت جي انگ اکرن موجب ملڪ ۾ 33 سيڪڙو غربت آھي، سنڌ ۾ 6 ڪروڙ مان 2 ڪروڙ ماڻھو مھنگائي ۽ بيروزگاري جي ڪري صرف ھڪ ويلو ماني کائيندي رهيا آهن،ھن چيو ته حڪمران نيڪال جو نظام، زرعي نظام ۽ مينھن جو پاڻي گڏائي شھرين کي زھر پياريو پيو وڃي.ملڪ کي اوڌر جي معيشت تي ھلايو پيو وڃي،ملڪي آبادي ڏينهون ڏينهن قرض ۾ ٻڏل آھي. بيوروڪريسي ۾ ڪرپشن عروج تي آھي، سنڌ جي گيس، تيل ۽ معدنيات تي قبضو ڪيو ويو آھي،عظيم ۽ قديم تھذيب موھن جو دڙو جي ڪک ۾ رھندڙ ماڻھن جي زندگي ۾ 5 ھزار سالن ۾ تبديلي نه آئي آھي،سنڌ جو ماڻهو ترقي بجاءِ اڃان زوال طرف وڌندو ٿو رهي.ھن چيو ته سنڌ تي حق حڪمراني، اختيار ۽ خودمختياري لاءِ جدوجھد ڪرڻ ھر سنڌي ۽ سنڌ ۾ رھندڙن مٿان فرض آھي، ايس يو پي ڪڏھن به پنھنجي منشور تان پوئتي نه هٽندي.ھن چيو ته ھزارين سالن کان وھندڙ سنڌو جي موجن کي روڪڻ، ھزارين ايڪڙ زمين، معدنيات ۽ وسيلن جي ڦر لٽ خلاف ميدان تي جدوجھد ڪري رهيا آهيون جيڪا حقن جي حاصلات تائين جاري رهندي،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
زين شاھ
ڳوٺ حڪيم سنديلو
0 تبصرے