English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جماعت اسلامي پاران گلشن حديد ۾ پاڻي کوٽ ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف تحريڪ جو اعلان
235 views
|
05th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد گذريل هڪ سال کان پاڻي جي شديد کوٽ جو شڪار آهي: ملڪ عزيز الرحمان ۽ ٻيا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) جماعت اسلامي پاڪستان طرفان گلشن حديد ۾ پاڻي جي بندش، ڦرن ۽ رهزني جي وڌندڙ واقعن ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف عوامي پريس ڪانفرنس ڪئي وئي۔ پريس ڪانفرنس کي ملڪ عزيز الرحمان، حمزه رمضان ۽ اڳوڻي يوسي ناظم گلشن حديد محمد اسلام خطاب ڪيو۔ اڳواڻن چيو ته گلشن حديد گذريل هڪ سال کان پاڻي جي شديد کوٽ جو شڪار آهي، پر پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان عوام کي ڪنهن به قسم جو رليف ڏيڻ لاءِ سنجيده قدم نه کنيا ويا آهن۔ هنن چيو ته پهريان 6 ڪروڙ ۽ پوءِ 50 ڪروڙ روپين جو منصوبو پيش ڪيو ويو، پر 6 ڪروڙ وانگر 50 ڪروڙ وارو منصوبو به ناڪام ٿيندو نظر اچي رهيو آهي۔ محمد اسلام چيو ته جماعت اسلامي شروعات ۾ ئي هن منصوبي بابت خدشا ظاهر ڪيا هئا، بعد ۾ ميئر ڪراچي به 6 ڪروڙ روپين جي ضايع ٿيڻ جو اعتراف ڪيو۔ هنن الزام لڳايو ته بدانتظامي ۽ بدديانتي سبب عوام جا ڪروڙين رپيا ضايع ڪيا ويا آهن۔ هن وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي گهٽ لاڳت ۾ منصوبو مڪمل ڪرڻ جي تجويز به ڏني هئي، پر ان کي نظرانداز ڪيو ويو۔اڳواڻن وڌيڪ چيو ته گلشن حديد جي مرڪزي نالي جي کوٽائي به بدانتظامي جو مثال آهي، جيڪڏهن اها رقم گهٽين ۽ رستن جي تعمير تي خرچ ڪئي وڃي ها ته عوام کي وڌيڪ فائدو ٿئي ها۔ هنن چيو ته برساتي نالي کي سيوريج لائن ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ ان جو سائيز به ننڍو ڪيو ويو، جنهن سبب مسئلا وڌيڪ وڌي ويا آهن۔اڳواڻن چيو ته اسٽيل مل انتظاميا سان معاهدو ڪيو وڃي ته هڪ ڏينهن ۾ گلشن حديد کي پاڻي فراهم ٿي سگهي ٿو، پر پيپلز پارٽي ايم او يو تي صحيح ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن مان بدانتظامي ظاهر ٿئي ٿي۔ جماعت اسلامي اڳواڻن اعلان ڪيو ته هو ٻيهر احتجاجي تحريڪ شروع ڪندا، هر آچر تي گلشن حديد ۾ احتجاجي ويهڪ منعقد ڪئي ويندي ۽ عوام سان گڏجي پاڻي ۽ ٻين بنيادي مسئلن جي حل تائين جدوجهد جاري رکي ويندي۔ هنن چيو ته عوام کي روڊن تي آندو ويندو ۽ ذميوارن کان پائي پائي جو حساب ورتو ويندو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جماعت اسلامي پاران گلشن حديد ۾ پاڻي کوٽ
0 تبصرے