English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
آمريڪا ۾ رهندڙ اعجاز علي عالماڻي جي مان ۾ عوامي پريس ڪلب ملير پاران پروقار آجياڻو
143 views
|
08th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) نوشهرو فيروز سان تعلق رکندڙ ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌي ريڊيو ميزبان اعجاز علي عالماڻي جي وطن واپسي تي عوامي پريس ڪلب ملير طرفان سندس مان ۾ پروقار آجياڻي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ صحافين، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، اديبن ۽ علائقي جي معزز شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي تقريب دوران مختلف سياسي ۽ سماجي شخصيتن توڙي عوامي پريس ڪلب ملير جي عهديدارن اعجاز علي عالماڻي کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا، جڏهن ته پريس ڪلب طرفان کين مڃتا ايوارڊ پڻ ڏنو ويو ان موقعي تي خطاب ڪندي اعجاز علي عالماڻي ملير جي ساڃاهه وندن ۽ خاص طور عوامي پريس ڪلب ملير جو ٿورو مڃيندي چيو ته پرڏيهه ۾ رهندي به سنڌ سان محبت سندن سڃاڻپ آهي "مهراڻ رنگ" پروگرام ذريعي هو سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ سنڌ سان جڙيل رهڻ جي ڪوشش جاري رکندا پيا اچن هن چيو ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين کي هڪ پليٽفارم تي گڏ ڪرڻ سندن مشن آهي پروگرام ۾ فرمائشي گيتن سان گڏ حالتنِ حاضرہ، سنڌ جي مسئلن، سياسي ۽ سماجي سرگرمين، سياسي ۽ ادبي شخصيتن جا انٽرويو ۽ سامعين جون سڌيون ڪالون پڻ شامل هونديون آهن پروگرام جا هوسٽ آفتاب شاهه آهن جيڪي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن نالي واري صحافي ۽ ليکڪ جاويد مهر چيو ته اعجاز عالماڻي آمريڪا ۾ رهي سنڌي ٻولي ۽ ثقافت لاءِ وڏو ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪو ساراهه جوڳو آهي ۽ نوجوانن لاءِ هڪ مثال پڻ آهي غلام نبي مگسي چيو ته "مهراڻ رنگ" پروگرام سنڌي ثقافت کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ اهڙيون ڪوششون سنڌي سڃاڻپ کي مضبوط ڪن ٿيون ريڊيو ميزبان سڪندر سرواڻ چيو ته اعجاز عالماڻي جو ڪم صرف ريڊيو پروگرام تائين محدود ناهي، پر اهو سنڌي ادب، موسيقي ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ هڪ اهم پليٽفارم بڻجي چڪو آهي عوامي پريس ڪلب ملير جي صدر سيد سجاد علي شاھ چيو ته عوامي پريس ڪلب لاءِ اهو اعزاز آهي ته اعجاز علي عالماڻي جي وطن واپسي تي آجياڻو تقريب منعقد ڪئي وئي ڇاڪاڻتہ هو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين لاءِ هڪ اهم ثقافتي پليٽفارم مهيا ڪري رهيا آهن سامي ميمڻ چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين جو پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت سان اهڙي وابستگي رکڻ قابلِ فخر آهي ۽ اعجاز عالماڻي سنڌين جو نالو روشن ڪري رهيا آهن تقريب ۾ ٻين اڳواڻن ۽ شخصيتن پڻ خطاب ڪندي اعجاز علي عالماڻي جي خدمتن کي ساراهيو تقريب ۾ شريڪ شخصيتن "مهراڻ رنگ" پروگرام کي سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ اهم قدم قرار ڏنو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
آمريڪا ۾ رهندڙ اعجاز علي عالماڻي
ڪلب ملير پاران پروقار آجياڻو
0 تبصرے