English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ترقياتي منصوبا جلد مڪمل ڪيا وڃن، ڪوتاهي برداشت نه ڪندس: برهان چانڊيو
135 views
|
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عوام کي صاف پاڻي ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي: پ ايم پي اي جي هدايت
قمبر(ڊ ر ) ايم پي اي ( PS-17 ) تعلقا وارھ, نصيرآباد ۽ وڳڻ برھان خان چانڊيو جي صدارت هيٺ پنھنجي تڪ ۾ جاري ڊولپمينٽ اسڪيمن بابت درٻار ھال ڊي سي آفيس قمبر ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيو جنھن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ذوھيب ضمير اوڍاڻو، سردار الطاف حسين تنيو، پاڪستان پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل عھديدارن، ورڪرن ۽ مختلف سرڪاري کاتن جي عملدارن ايس ڊي او سعد الله تنيو شرڪت ڪئي اجلاس دوران برھان خان چانڊيو پنھنجي تڪ پي ايس-17 تعلقن وارھ، نصيرآباد ۽ وڳڻ ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت تفصيلي جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل عملدارن کان پڇا ڳاڇا ڪئي۔ ان موقعي تي کيس بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊويزن قمبر شهدادڪوٽ تحت مجموعي طور 331 ترقياتي اسڪيمون هلندڙ آهن، جنهن ۾ صوبائي اي ڊي پي تحت 20 اسڪيمون SDGs / PHED اسڪيمون 33 SDGs / SAP اسڪيمون 14 ريھيبليٽيشن فيز-I جون 25 اسڪيمون ريھيبليٽيشن فيز-II جون 14 اسڪيمون اليمنيشن فيز-I جون 7 اسڪيمون اليمنيشن فيز-II جون 7 اسڪيمون ڊسٽرڪٽ اي ڊي پي جون 211 اسڪيمون شامل آهن بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته انھن منصوبن جي ڪل لاڳت 12809.245 ملين رپيا آهي، جڏهن ته سال 2025-26 لاءِ 5615.566 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جن مان 2785.401 ملين رپيا جاري ڪيا ويا آهن۔ خرچن بابت ٻڌايو ويو ته جون 2025 تائين 2170.528 ملين رپيا خرچ ڪيا ويا، جڏهن ته هلندڙ مالي سال دوران 1974.402 ملين رپيا خرچ ڪيا ويا آهن، ۽ مجموعي طور تي 4145.930 ملين رپيا خرچ ٿي چڪا آهن۔ اجلاس ۾ ايم پي اي برھان خان چانڊيو هدايتون ڏيندي چيو ته سڀني جاري ترقياتي منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي ۽ معيار تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي صاف، سٿرو ۽ صحتمند پاڻي ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي هن وڌيڪ چيو ته ترقياتي ڪم ۾ سستي يا لاپرواهي هرگز برداشت نه ڪئي ويندي، ۽ لاڳاپيل عملدار پنهنجي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائين تاڪي تڪ جي عوام کي بھتر سهولتون مھيا ڪري سگھجن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ترقياتي منصوبا جلد مڪمل ڪيا وڃن
0 تبصرے