English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڀينس ڪالوني ۾ ڏينهن ڏٺي مال جي واڙي جي گيٽ تي هٿياربند جوابدارن جي فائرنگ، واپاري کان 5 لک رپيا ڦر، هڪ شخص سخت زخمي
171 views
|
16th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڀينس ڪالوني روڊ نمبر 06 گجر چوڪ ويجهو ڏينهن ڏٺي هٿياربند جوابدارن مال جي پاڙي جي مرڪزي گيٽ تي ڇتي فائرنگ ڪري واپاري کان 5 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ شخص سخت زخمي ٿي پيو، واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو۔پوليس ۽ ذريعن موجب واقعو ڀينس ڪالوني ۾ شاڪر عمر گجر جي واڙي جي گيٽ تي پيش آيو، جتي نامعلوم هٿياربند جوابدار اوچتو پهچي لڳ ڀڳ 25 فائر ڪيا۔ فائرنگ سبب فارم تي موجود ماڻهن ۾ خوف پکڙجي ويو ۽ ڪيترائي ماڻهو پنهنجي جان بچائڻ لاءِ لڪي ويا۔ ذريعن موجب جوابدارن فائرنگ کانپوءِ واڙي تي موجود واپاري ماسٽر عبدالرسول کان 5 لک رپيا روڪ قم ڦر ڪري فرار ٿي ويا۔ فائرنگ دوران عبدالرسول ولد محمد امين، عمر 48 سال، سخت زخمي ٿي پيو۔اطلاع ملڻ تي رضاڪارن موقعي تي پهتي ۽ زخمي کي فوري طور جناح اسپتال منتقل ڪيو جتي کيس طبي امداد ڏني پئي وڃي۔ واقعي جي اطلاع ملڻ بعد پوليس به موقعي تي پهچي وئي، جتي پوليس واقعي واري هنڌ جو جائزو وٺي ثبوت گڏ ڪيا۔پوليس جوابدارن جي ڳولا لاءِ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ناڪابندي پڻ ڪري ڇڏي آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي۔پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته واردات ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، جڏهن ته علائقي ۾ سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن۔ واقعي بعد علائقي واسين ۽ فارم مالڪن وڌندڙ وارداتن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي پوليس کان فوري ۽ اثرائتي ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڀينس ڪالوني ۾ ڏينهن ڏٺي مال جي
0 تبصرے