English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي شهر ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو، شهري خوف ۾ مبتلا
59 views
|
16th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ( ڊر)ٺٽي شهر ۾ رولو ڪتن جو وڌندڙ انگ شهرين لاءِ سخت خطرو بڻجي ويو آهي، جڏهن ته ميونسپل ڪميٽي هن مسئلي تي ضابطو آڻڻ ۾ مڪمل طور ناڪام نظر اچي رهي آهي۔ شهر جي مختلف علائقن، مين روڊن، پارڪن ۽ مسجدن ڀرسان ڪتن جا ٽولا عام ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جنهن سبب شهري خوف ۾ مبتلا آهن۔ تفصيل موجب گذريل رات درگاھ شاهه گوهر گنج ڀرسان هڪ نوجوان تي رولو ڪتن حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو موٽرسائيڪل تان ڪري سخت زخمي ٿي پيو۔ متاثر نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو۔ شهرين جو چوڻ آهي ته اهڙي قسم جا واقعا هاڻي معمول بڻجي چڪا آهن، خاص ڪري آمري اسٽاپ ۽ ٻين علائقن ۾ ڪتن جا ٽولا ماڻهن تي حملو ڪن ٿا، جنهن ڪري ٻار ۽ عورتون به محفوظ ناهن رهيون۔ ماهرن موجب گرمي جي شروعات سان اپريل مهيني دوران ڪتن جي افزائش وڌي وڃي ٿي، جنهن ڪري خطرو وڌيڪ وڌي وڃي ٿو۔ هنن جو چوڻ ھو ته ان جي مستقل حل لاءِ ڪتا ڪنٽرول مهم (ABC پروگرام) شروع ڪيو وڃي. شهرين مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن فوري قدم نه کنيا ويا ته احتجاج ۽ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته قانون موجب خطرناڪ جانورن کي ڪنٽرول ۾ نه رکڻ ڏوهه آهي۔ شهرين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن بروقت قدم نه کنيا ويا ته هي مسئلو هڪ وڏي انساني الميي جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي شهر ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي وي
0 تبصرے