English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سامونڊي پٽي جي نامياري سماج سڌارڪ يونس خاصخيلي جي مان ۾ شاندار رهاڻ
70 views
|
17th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ملير پاران لائيف ٽائيم ايوارڊ ڏنا ويا، اجرڪن جا تحفا پيش
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سامونڊي پٽي جي نالي واري ماهيگير اڳواڻ يونس خاصخيلي جي مان ۾ عوامي پريس ڪلب ملير طرفان شاندار رهاڻ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سندس گهرڀاتين، دوستن، سياسي، سماجي ڪارڪنن، صحافين ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ تقريب دوران عوامي پريس ڪلب ملير جي عهديدارن يونس خاصخيلي کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ۽ سندس ڊگهي سماجي جدوجهد جي اعتراف طور لائيف ٽائيم ايوارڊ سرٽيفڪيٽ سان نوازيو ويو۔تقريب کي خطاب ڪندي يونس خاصخيلي عوامي پريس ڪلب ملير جو ٿورو مڃيندي چيو ته وقت جي بي رحم لهرن، ڏکين لاهين چاڙهين ۽ ور وڪڙ رستن سان ٽڪرائيندي اڄ به اڳتي وڌي رهيو آهيان، سندس جدوجهد ڪنهن هڪ ماڻهو جي نه پر پوري سامونڊي سماج جي درد ۽ مزاحمت جي ڪهاڻي آهي۔ هن چيو ته ريڙهي مياڻ جي ماڻهن کي بنيادي سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي ۽ سمنڊ جيڪو سندن روزگار جو ذريعو هو، اهو به آهستي آهستي انهن کان کسيو پيو وڃي۔ ان موقعي تي عوامي پريس ڪلب ملير جي صدر سجاد علي شاه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته يونس خاصخيلي سامونڊي پٽي جي ماڻهن جو سچو نمائندو آهي، جنهن ڏکين حالتن باوجود پنهنجي ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکي۔ هن چيو ته اهڙا ماڻهو سماج جو سرمايو هوندا آهن، جيڪي بنا ڪنهن مفاد جي عوام جي خدمت ڪن ٿا۔ سجاد علي شاه وڌيڪ چيو ته عوامي پريس ڪلب ملير هميشه اهڙن جدوجهد ڪندڙ ماڻهن کي ڀيٽا پيش ڪندو رهندو ۽ سامونڊي پٽي جي ماڻهن جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو۔سنڌ انڊيجيئنس رائيٽس الائنس جي صدر سيد خدا ڏنو شاه چيو ته يونس خاصخيلي مهاڻن جي حقن لاءِ هميشه آواز بلند ڪيو آهي ۽ سندس جدوجهد ٻين لاءِ مثال آهي۔ يونس خاصخيلي جي جيون ساٿياڻي رقيعه خاصخيلي چيو ته جدوجهد جو سفر ڏکيو هو، پر يونس خاصخيلي هميشه ماڻهن جي حقن لاءِ بيٺو رهيو۔ فشر فوڪ اڳواڻ ايوب شان چيو ته يونس خاصخيلي مهاڻن جي حقن لاءِ ڊگهي عرصي کان جدوجهد ڪري رهيو آهي ۽ سندس خدمتون هميشه ياد رهنديون۔ان موقعي تي خطاب ڪندي مصطفي بلوچ چيو ته يونس خاصخيلي هميشه سامونڊي پٽي جي ماڻهن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو آهي ۽ نوجوانن لاءِ جدوجهد جو مثال بڻيل آهي۔ مجيد موٽاڻي چيو ته يونس خاصخيلي پنهنجي زندگي جو وڏو حصو محروم طبقي لاءِ وقف ڪيو آهي ۽ اهڙن ماڻهن کي هميشه ياد رکيو ويندو۔سينيئر صحافي وحيد سيال چيو ته يونس خاصخيلي جي جدوجهد صحافتي حلقن لاءِ پڻ حوصلو آهي، ڇاڪاڻ ته هن هميشه سچ ۽ حق جي ڳالهه ڪئي آهي۔ سماجي اڳواڻ ڪليم دراني چيو ته سامونڊي پٽي جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ يونس خاصخيلي جو ڪردار نمايان رهيو آهي ۽ سندس خدمتون قابلِ تحسين آهن۔ان موقعي تي سردار سهيل ڄاموٽ چيو ته يونس خاصخيلي علائقي جي ماڻهن جي آواز بڻجي سامهون آيو آهي ۽ سندس جدوجهد قابلِ فخر آهي۔ سليم جي ميمڻ چيو ته يونس خاصخيلي عوامي مسئلن جي حل لاءِ هميشه اڳڀرو رهيو آهي۔ شعيب بڪڪ چيو ته يونس خاصخيلي جي جدوجهد نوجوانن لاءِ راهنمائي آهي۔ غلام نبي مگسي چيو ته سماج کي اهڙن بهادر ماڻهن جي ضرورت آهي جيڪي حق لاءِ بيهڻ جي همت رکن۔ سامي ميمڻ، علي مستوئي،علي بخشل سيال چيو ته يونس خاصخيلي سامونڊي پٽي جي ماڻهن جو سچو نمائندو آهي۔ عنايت شاه چيو ته يونس خاصخيلي جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندوتقريب جي آخر ۾ مهمانن يونس خاصخيلي کي مبارڪون پيش ڪيون، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن سندس جدوجهد کي زبردست ڀيٽا پيش ڪندي اهڙيون تقريبون جاري رکڻ جي اپيل پڻ ڪئي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سامونڊي پٽي جي نامياري سماج سڌارڪ يو
0 تبصرے