English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جا فنڊ ضايع ڪيا پيا وڃن، عوام سهولتن کان محروم آهن: سيف الدين ايڊووڪيٽ
127 views
|
19th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
مرتضيٰ وهاب ۽ سنڌ حڪومت روز نيون اسڪيمون اعلان ڪن ٿا، پر گذريل ارڙهن سالن جو حساب ڪير ڏيندو؟
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشن حديد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي قائد حزب اختلاف بلديه عظميٰ ڪراچي سيف الدين ايڊووڪيٽ چيو آهي ته پيپلز پارٽي جو هڪ ئي مقصد ڪرپشن ڪرڻ آهي ۽ اها ان ئي رستي تي گامزن آهي۔ هن چيو ته گذريل 18 سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي، جڏهن ته مرتضيٰ وهاب ۽ سنڌ حڪومت روز نيون اسڪيمون اعلان ڪن ٿا، پر گذريل ارڙهن سالن جو حساب ڪير ڏيندو؟ سندس چوڻ هو ته موجوده اعلان به صرف اعلان ئي رهجي ويندا۔ هن الزام هنيو ته پيپلز پارٽي مختلف شعبا پنهنجن وزيرن ۾ ورهائي ڇڏيا آهن ته جيئن سڀني کي نوازيو وڃي۔ هن چيو ته ڪراچي ۾ صرف ڪچرو کڻڻ لاءِ في يونين ڪاميٽي هڪ ڪروڙ رپين جو بجيٽ رکيو ويو آهي، پر اها رقم ڪنهن به يوسي کي نه ٿي ملي۔ جيڪڏهن اهي فنڊ يوسيز کي ملي وڃن ته بنيادي مسئلا آساني سان حل ٿي سگهن ٿا۔سيف الدين ايڊووڪيٽ چيو ته گلشن حديد ڪڏهن ڪراچي جو اسلام آباد سڏبو هو، پر هتي ٺهيل نالو ٽوڙي ڇڏيو ويو ۽ هڪ پارڪ ۾ ڪروڙين رپين جو ٺيڪو ڏنو ويو، جيڪو سندس چوڻ موجب ڪرپشن جو مثال آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته حب نهر 1981 کان ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪري رهي هئي، جڏهن ته 12 ارب 78 ڪروڙ رپين سان نئين نهر ٺاهڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، جنهن جو افتتاح 2025 ۾ بلاول ڀٽو زرداري ڪيو، پر اها به ٽٽي وئي ۽ هاڻي ماڻهو ان کي بيت الخلاء طور استعمال ڪري رهيا آهن۔ هن چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز جي 24 انچ لائن بدران 3 انچ جي لائن ڏني وئي، جيڪا ڪنهن گهٽي جي پاڻي واري لائن کان به ننڍي آهي۔ سندس چوڻ هو ته آبادي وڌڻ باوجود وڏيون لائينون وجهڻ بدران ننڍيون لائينون ڏئي عوام کي ڏکيائين ۾ وڌو ويو ۽ پنهنجيون کيسون ڀريون ويون۔سيف الدين ايڊووڪيٽ چيو ته جماعت اسلامي جي حق ڏيو تحريڪ جاري رهندي ۽ ڪراچي جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکبي۔ هن چيو ته هي تحريڪ حڪومت کي پريشان ڪري رهي آهي ۽ هو ڪنهن به دٻاءُ ۾ نه ايندا۔پريس ڪانفرنس کي سيد مفخر علي، وارڊ ڪائونسلر ڪاشف ڀٽي، صغير اختر، حمزه رمضان، ملڪ عزيز الرحمن ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سيف الدين ايڊووڪيٽ
ڪراچي جا فنڊ ضايع ڪيا پيا وڃن
0 تبصرے