English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ پوليس پاران 2ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
71 views
|
20th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير پوليس مختلف ڪاررواين دوران چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته هٿيار، روڪ رقم، موبائل فون ۽ ڦر ٿيل موٽر سائيڪل پڻ برآمد ڪئي وئي آهي۔پوليس موجب پهرين ڪارروائي سڪڻ ٿاڻي جي حدن روڊ نمبر 5 ڀينس ڪالوني ۾ رات دير سان ڪئي وئي جتي پوليس ۽ هٿياربند جوابدارن وچ ۾ مبينا مقابلو ٿيو۔ پوليس جو چوڻ آهي ته شڪي ماڻهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جوابدارن فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن تي پوليس جوابي ڪارروائي ڪئي۔فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ٻه جوابدار زخمي ٿي پيا جن کي گرفتار ڪيو ويوگرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ شاڪر ولد رحيم ۽ نظير ولد ابراهيم طور ٿي آهي۔ پوليس جوابدارن جي قبضي مان ٻه پستول ايمونيشن سميت، موبائل فون ۽ روڪ رقم برآمد ڪئي آهي۔ شروعاتي جاچ موجب گرفتار جوابدار مختلف اسٽريٽ ڪرائم وارداتن ۾ ملوث رهيا آهن۔ پوليس برآمد ٿيل هٿيار فرانزڪ جاچ لاءِ موڪلي ڇڏيا آهن، جڏهن ته زخمي جوابدارن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي۔ٻي ڪارروائي ٿاڻو ميمڻ ڳوٺ جي حدن ۾ ڪئي وئي، جتي ڪجهه ڏينهن اڳ ملڪ شاپ تي هٿياربند ڦر دوران جوابدار لڳ ڀڳ 10 لک رپيا ڦري فرار ٿي ويا هئا۔پوليس خفيه اطلاع تي ڪارروائي ڪندي سرگرم ڌاڙيل گينگ جي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو۔ گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ نظام الدين ۽ گلزار احمد طور ٿي آهي۔ پوليس موجب جوابدارن واردات کان پوءِ هڪ شهري کان هٿيارن جي زور تي 125 موٽر سائيڪل پڻ ڦري ورتي هئي۔گرفتار جوابدارن جي قبضي مان ٻه پستول ايمونيشن سميت، واردات دوران ڦريل 125 موٽر سائيڪل ۽ 11 موبائل فون برآمد ڪيا ويا آهن۔ پوليس موجب برآمد ٿيل موٽر سائيڪل ٿاڻي ميمڻ ڳوٺ جي حدن مان چوري ٿيل هئي۔پوليس اختيارين موجب گرفتار جوابدار نظام الدين عادي ڏوهاري آهي ۽ اڳ به گرفتار ٿي جيل وڃي چڪو آهي۔ ٻنهي جوابدارن جو ڪراچي شهر ۾ مختلف اسٽريٽ ڪرائم وارداتن ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي۔پوليس چئن ئي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته سندن ٻين ساٿين جي ڳولا پڻ جاري آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ۾ پوليس پاران 2ڏوهارين کي زخمي
0 تبصرے