English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ضلعي ۾ نائين ۽ ڏهين جا پيپر جاري، سينٽرز ۾ ڪاپي جي ڌم
75 views
|
20th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سالياني امتحانن دوران سينٽر مبينا طور ڪاپي ڪرائڻ جا ڳڙهه بڻجي ويا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ضلعي جي مختلف علائقن گلشن حديد، رزاق آباد، ملير سٽي، ميمڻ ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ قائم نائين ۽ ڏهين جماعت جي سالياني امتحانن جا مرڪز مبينا طور ڪاپي ڪرائڻ جا ڳڙهه بڻجي ويا آهن، جتي کلي عام ڪاپي هلڻ جون شڪايتون سامهون اچي رهيون آهن. ذريعن موجب خاص طور تي سومار ڪنڊاڻي اسڪول سميت ڪيترن ئي ٻين اسڪولن ۾ ڪاپي جي ڌم متل آهي، جتي شاگردن کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ڪاپي ڪرائي پئي وڃي.امتحاني مرڪزن اندر غير واسطيدار ماڻهن جي به وڏي انگ ۾ اچ وڃ جاري آهي، جڏهن ته پوليس جي موجودگي باوجود صورتحال تي ڪنٽرول نظر نٿو اچي.علائقي واسين جو چوڻ آهي ته امتحاني مرڪزن جي ٻاهران توڙي اندر مبينا طور تي گائيڊ بڪ، حل ٿيل پيپر ۽ ٻين ذريعن ذريعي شاگردن کي کليل مدد ڏني پئي وڃي، جنهن سبب ايماندار شاگردن جو حق متاثر ٿي رهيو آهي. والدين ۽ استادن پڻ خدشو ظاهر ڪيو آهي ته اهڙي صورتحال سان تعليم جو معيار وڌيڪ خراب ٿيندو ۽ شاگردن جي مستقبل سان کيڏ ٿيندي. سول سوسائٽي، تعليمي حلقن ۽ علائقي جي باشعور ماڻهن مطالبو ڪيو آهي ته ميمڻ ڳوٺ، گلشن حديد، رزاق آباد، ملير سٽي ۽ ٻين امتحاني مرڪزن تي فوري طور تي سپر ويجلينس ٽيمون موڪليون وڃن ۽ اوچتا ڇاپا هڻي ڪاپي جي رجحان کي روڪيو وڃي. هنن وڌيڪ مطالبو ڪيو ته امتحاني مرڪزن اندر غير واسطيدار ماڻهن جي داخلا تي پابندي لڳائي وڃي، ذميوار عملدارن ۽ اسڪول انتظاميا خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ شاگردن جو مستقبل تباھ ڪندڙ عنصرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. سول سوسائٽي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن فوري قدم نه کنيا ويا ته ملير ضلعي ۾ تعليم جو نظام وڌيڪ تباهي طرف وڌندو ۽ ايماندار شاگردن سان ناانصافي جاري رهندي. علائقي واسين سنڌ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ، بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي فوري ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن امتحانن جي شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ضلعي ۾ نائين ۽ ڏهين جا پيپ
0 تبصرے