English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ سنڌ پنڪ گيمز 2026 ۽ 19هين سنڌ گيمز بابت اهم اجلاس
81 views
|
21st Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اجلاس دوران اڳواڻن لاڙڪاڻہ ڊويزن جي ٽيمن جي سليڪشن جي طريقيڪار تي سخت خدشا ظاهر ڪيا
شڪارپور (احسان ابڙو ) شڪارپور سنڌ پنڪ گيمز 2026 ۽ 19هين سنڌ گيمز بابت شڪارپور ۾ اهم اجلاس, شڪارپور ۾ سنڌ پنڪ گيمز 2026 (نواب شاهه) ۽ 19هين سنڌ گيمز 2026 (سکر) جي حوالي سان ضلعي جي مختلف اسپورٽس ايسوسيئيشنز جي عهديدارن، سينيئر رانديگرن ۽ لاڳاپيل شخصيتن جو اهم اجلاس منعقد ٿيو۔ اجلاس جي صدارت فوڪل پرسن اسپورٽس شڪارپور جميل احمد شيخ ڪئي، جڏهن ته ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر شڪارپور جناب شاھزيب اعوان پڻ خاص طور شرڪت ڪئي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ نمايان شخصيتن ۾ پروفيسر اعجاز احمد کوکر، استاد عبدالوهّاب ڪاغذي، نصرالله ميمڻ، استاد هدايت مھر، عزير احمد سومرو، آغا عبدالروف پٺاڻ، افتخار رسول مہر، محمد اسحاق، حافظ نويد احمد ابڙو، محمد ابراهيم بروهي سميت ٻين اسپورٽس سان وابسته نوجوان شامل هئا۔ اجلاس دوران اڳواڻن لاڙڪاڻہ ڊويزن جي ٽيمن جي سليڪشن جي طريقيڪار تي سخت خدشا ظاهر ڪيا۔ اجلاس ۾ واضح ڪيو ويو ته شڪارپور جي باصلاحيت رانديگرن کي لاڙڪاڻہ جي ٽرائلز بابت بروقت آگاهي نٿي ڏني وڃي، جنهن سبب هو سليڪشن کان محروم رهن ٿا۔ وڌيڪ اها به نشاندهي ڪئي وئي ته ميرٽ بدران پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي لاڙڪاڻي ڊويزن جي چونڊ ڪئي پئي وڃي، جنهن سان شڪارپور جي نوجوان رانديگرن ۾ مايوسي وڌي رهي آهي ۽ سندن مستقبل متاثر ٿي رهيو آهي۔ اڳواڻن چيو ته 18هين سنڌ گيمز 2024 (ڪراچي) سميت ماضي ۾ به شڪارپور جي رانديگرن سان ناانصافي ٿيندي رهي آهي۔ اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي ته ڪجهه اڳوڻن عملدارن تي ميرٽ کي نظرانداز ڪرڻ جا الزام رهيا آهن، جنهن سبب ڪيترائي حقدار رانديگر پنهنجي حق کان محروم ٿيا۔ اجلاس ۾ سيڪريٽري اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز سنڌ، ڊائريڪٽر اسپورٽس ڪراچي، ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور کان پرزور مطالبو ڪيو ويو ته سليڪشن جو عمل مڪمل طور شفاف ۽ ميرٽ تي ٻڌل بڻايو وڃي۔ گڏوگڏ اها تجويز پڻ پيش ڪئي وئي ته سليڪشن جو عمل ڪنهن ايماندار ۽ غيرجانبدار آفيسر يا اسپورٽس بورڊ جي نگراني هيٺ ڪرايو وڃي، جيئن انصاف کي يقيني بڻائي سگهجي۔ اجلاس دوران ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته جيڪڏهن سليڪشن جو عمل مڪمل طور تي شفاف ۽ ميرٽ تي ٻڌل رکيو ويو، ته شڪارپور جا باصلاحيت رانديگر سنڌ پنڪ گيمز 2026 ۽ 19هين سنڌ گيمز 2026 ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن ٿا. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ماضي وانگر شڪارپور جي نوجوان رانديگرن کي نظرانداز ڪيو ويو، ته پوءِ ضلعي شڪارپور ۾ سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. هن حوالي سان واضح ڪيو ويو ته اهڙي ڪنهن به صورتحال جي مڪمل ذميواري لاڙڪاڻو ڊويزن جي نام نهاد اڳواڻن ۽ لاڳاپيل آفيسرن تي عائد ٿيندي، آخر ۾ ملڪ پاڪستان جي سلامتي، بقا ۽ ترقي لاءِ گڏيل دعا ڪئي وئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور ۾ سنڌ پنڪ گيمز 2026 ۽ 19هين سن
0 تبصرے