English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪنري ۾ فصلن جي واڌ ويجھ، سنڀال ۽ بهتر پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ سيمينار منعقد
44 views
|
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سيمينار ۾ ماهرن مفيد صلاحون ڏنيون، ترقي پسند آبادگارن ڀرپور شرڪت ڪري هن قدم کي ساراهيو
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)ڪنري زرعي ڀاڻ ٺاهيندڙ ڪمپني پاران فصلن جي واڌ ويجھ، سنڀال ۽ بهتر پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ زرعي ماهرن مفيد صلاحون ڏنيون، جڏهن ته ترقي پسند آبادگارن ڀرپور شرڪت ڪري هن قدم کي ساراهيو. تفصيل موجب سرسبز ڀاڻ ٺاهيندڙ فاطمه فرٽيلائزرز ڪمپني ۽ ايگريڪلچر ايڪسٽينشن ڊپارٽمينٽ عمرڪوٽ پاران مقامي هال ۾ ڪپهه ۽ مرچ جي منافعي بخش پوک بابت هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار ۾ اياز محمود ورک ٽيڪنيڪل سروسز آفيسر ميرپورخاص (فاطمه گروپ)، کيتا اوماني ڊسٽرڪٽ سيلز مينيجر ڊگري (فاطمه گروپ)، عماد آرائين ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪنري ايگريڪلچر ايڪسٽينشن ڊپارٽمينٽ، حيات رند ايگريڪلچر آفيسر ڪنري، ميان سليم آرائين، يوسي چيئرمين رضا حميد، شعيب طاهر سميت وڏي انگ ۾ ترقي پسند آبادگارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي زرعي ماهرن آبادگارن کي خطاب ڪندي چيو ته علائقي ۾ ڪپهه ۽ مرچ جي فصل جي پيداوار تمام گهٽ آهي. پيداوار ۾ واڌ لاءِ مختلف صلاحون ڏيندي ٻڌايو ويو ته وڌيڪ پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ سرسبز نائيٽروفاس، سرسبز ڪين ۽ پاڪ عرب ڪين جو استعمال ضروري آهي. انهن ڀاڻن جي استعمال سان ڪپهه ۽ مرچ جي فصل ۾ 10 سيڪڙو کان وڌيڪ پيداوار وڌائي سگهجي ٿي. آخر ۾ آبادگارن سيمينار جي انعقاد کي ساراهيندي اهڙن پروگرامن کي جاري رکڻ جو مطالبو ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪنري ۾ فصلن جي واڌ ويجھ
0 تبصرے