English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير : حسن پنھور ڳوٺ ۾ فري چيسٽ ڪيمپ منعقد
165 views
|
24th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
حسن پنهور ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن جي ڪيمپ تي شرڪت
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)حسن پنھور ڳوٺ ۾ سيني جي بيمارين جي سڃاڻپ ۽ علاج لاءِ وڏي پيماني تي فري چيسٽ ڪيمپ جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ علائقي سميت ڀرپاسي وارن ڳوٺن جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري مفت طبي سهولتن مان فائدو حاصل ڪيو۔ ڪيمپ جو انعقاد حڪومت سنڌ ۽ Greenstar Social Marketing جي سهڪار سان ڪيو ويو، جڏهن ته هن نيڪ ڪم کي عملي جامو پارائڻ ۾ يونين ڪائونسل چوڪنڊي جي چيئرمين رشيد احمد پنھور ۽ الشفا ڪلينڪ جي سرواڻ ڊاڪٽر عبدالشڪور شيخ اهم ڪردار ادا ڪيو۔ ڪيمپ دوران مريضن لاءِ سيني جي بيمارين جي تشخيص لاءِ چيسٽ ايڪسري، طبي معائنو ۽ ضروري دوائون فراهم ڪيون ويون، جيڪي مڪمل طور تي مفت ڏنيون ويون۔ ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم، جنهن ۾ ڊاڪٽر شعيب، ڊاڪٽر طاهر ۽ ڊاڪٽر حماد شامل هئا، مريضن جو تفصيلي معائنو ڪري کين مناسب علاج سان گڏ احتياطي تدبيرن بابت به آگاهي ڏني۔ ڊاڪٽرن موجب سيني جون بيماريون، خاص طور ٽي بي ۽ ٻين ڦڦڙن سان لاڳاپيل مسئلا، جيڪڏهن وقت سر سڃاڻپ نه ٿين ته خطرناڪ صورت اختيار ڪري سگهن ٿا، تنهن ڪري اهڙيون ڪيمپون عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ انتهائي اهم آهن۔ هنن وڌيڪ چيو ته بيماري جي شروعاتي مرحلي ۾ سڃاڻپ ٿيڻ سان علاج وڌيڪ آسان ۽ اثرائتو ٿي سگهي ٿو۔ ان موقعي تي ڳالهائيندي چيئرمين رشيد احمد پنھور چيو ته سندن ڪوشش آهي ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن تائين صحت جون بنيادي سهولتون پهچايون وڃن، ڇو ته گهڻا ماڻهو مالي مسئلن سبب وڏن اسپتالن تائين پهچي نٿا سگهن۔ هن چيو ته مستقبل ۾ به اهڙيون فري ميڊيڪل ڪيمپون جاري رکيون وينديون ته جيئن عوام کي پنهنجي علائقي ۾ ئي بهتر علاج جون سهولتون ملي سگهن۔ مقامي رهواسين ڪيمپ جي انعقاد کي ساراهيندي چيو ته اهڙيون ڪوششون نه رڳو بيمارين جي روڪٿام ۾ مددگار ثابت ٿين ٿيون، پر ماڻهن ۾ صحت بابت شعور پڻ وڌائين ٿيون۔ هنن مطالبو ڪيو ته حڪومت ۽ فلاحي ادارا اهڙا پروگرام باقاعدگي سان جاري رکن ته جيئن غريب ۽ پٺتي پيل علائقن جي ماڻهن کي به معياري علاج جون سهولتون ملي سگهن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير : حسن پنھور ڳوٺ ۾ فر
0 تبصرے