English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پورٽ قاسم متاثرن جو هنگامي ڪٺ، متاثرين جي ڪيس متعلق عدالتي ڪارروائي تي ڳڻتي جو اظهار
67 views
|
01st Mar 2026
•
سنڌي خبرون
اپيل جو وقت گذرڻ باوجود ڪيس ٻيهر بحال ڪيو ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) مورند قيصراڻي ڳوٺ ۾ پورٽ قاسم اٿارٽي کان متاثر ڳوٺاڻن جو اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ عدالتي ڪارروائين تي سخت تحفظات ظاهر ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته سندن ڪيس موجوده بينچ بدران ٻي بينچ آڏو مقرر ڪيو وڃي۔اجلاس ۾ چيو ويو ته پورٽ قاسم متاثر 50 سالن کان وڌيڪ عرصي کان انصاف لاءِ عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن۔ متاثرين موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ سندن حق ۾ فيصلو ڏنو هو، پر اپيل جو وقت گذرڻ باوجود ڪيس ٻيهر بحال ڪيو ويو۔ هنن الزام هنيو ته ماضي ۾ پورٽ قاسم اٿارٽي جو وڪيل رهندڙ ۽ هن وقت هاءِ ڪورٽ جي جج فيصل محمد ڪمال عالم پاران 25 فيبروري تي اخبارن م اشتهار شايع ڪرايو ويو متاثرين جو چوڻ هو ته 27 فيبروري تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ باوجود کين جج سامهون پيش ٿيڻ نه ڏنو ويو ۽ پوليس ذريعي عدالت کان ٻاهر ڪڍيو ويو۔ هنن دعويٰ ڪئي ته 2017ع ۾ هڪ سول ريفرنس ڪيس دوران جسٽس فيصل ڪمال عالم پاڻ پورٽ قاسم اٿارٽي جو وڪيل رهڻ سبب ڪيس نه هلائڻ جو اظهار ڪيو هو، تنهن هوندي به هاڻي ساڳي معاملي ۾ اپيل ٻڌي اسٽي آرڊر جاري ڪيو ويو آهي، جيڪو سندن نظر ۾ غير قانوني آهي۔اجلاس ۾ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ويو ته زميندارن کي شفاف انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ ڪيس ٻي بينچ آڏو منتقل ڪيو وڃي۔ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عدالتي ڪارروائين جي نگراني لاءِ اياز قيصراڻي جي اڳواڻي م ڪميٽي جوڙي ويئي جيڪا نئين پٽيشن داخل ڪرڻ سان گڏ چونڊيل نمائندن سان پڻ رابطا ڪندي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پورٽ قاسم متاثرن جو هنگامي ڪٺ
0 تبصرے