English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير جي گدامن ۾ لکين ٽن ڪڻڪ خراب، خوراڪ کاتي تي لاپرواهي جو الزم
61 views
|
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
منرل پمپ ۽ پپري جي گدامن ۾ رکيل ڪڻڪ مان لکين ٻوريون خراب حالت ۾ پيل
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) خوراڪ کاتي جي مبينا لاپرواهي سبب ملير جي مختلف گدامن ۾ موجود لکين ٽن ڪڻڪ خراب ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. منرل پمپ ۽ پپري جي گدامن ۾ رکيل ڪڻڪ مان لکين ٻوريون خراب حالت ۾ پيل آهن، جڏهن ته فلور مل مالڪن خراب ڪڻڪ کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب جنوري کان مارچ تائين فلور مل مالڪن گدامن مان لڳ ڀڳ 50 لک ٻوريون ڪڻڪ حاصل ڪيون، پر کين معياري ڪڻڪ فراهم نه ٿي سگهي. ڪڻڪ ۾ مٽي جي ملاوٽ ۽ خراب معيار باوجود گدام خالي ڪرايا ويا. ان دوران لڳ ڀڳ 50 هزار ٻوريون خراب ڪڻڪ جون ڦٽو ڪري ضايع ڪيون ويون، جڏهن ته 8 لک کان وڌيڪ ٻوريون ڪڻڪ اڃا به خراب حالت ۾ پيل آهن.ان حوالي سان پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالجنيد عزيز چيو آهي ته فلور مل مالڪ خراب ڪڻڪ کڻڻ تي ان ڪري مجبور ٿيا ته جيئن حڪومت سموري خراب ڪڻڪ ختم ڪري سگهي. هن چيو ته گدامن ۾ اڃا به لڳ ڀڳ 10 لک ٻوريون خراب ڪڻڪ جون موجود آهن ۽ ڪڻڪ ۾ ملاوٽ ڪري وڏي زيادتي ڪئي وئي آهي، جنهن سبب قومي خزاني کي نقصان پهتو آهي.هوڏانهن ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر سڪندر شاھ جو چوڻ آهي ته گدامن ۾ 15 لک ٻوريون صاف ڪڻڪ پڻ موجود آهن، جڏهن ته برسات سبب خراب ٿيل پراڻي ڪڻڪ جون 5 لک 70 هزار ٻوريون آهن، جيڪي ڪابينا جي منظوري بعد نيلام ڪيون وينديون.عوامي حلقن مطالبو ڪيو آهي ته ڪڻڪ جي خراب ٿيڻ واري معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن قومي وسيلن جي وڌيڪ ضايع ٿيڻ کان بچي سگهجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير جي گدامن ۾ لکين ٽن ڪڻڪ خراب،
0 تبصرے