English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: مڪلي باءِ پاس موڙ وٽ ڊمپر جهوپڙي مٿان چڙهي ويو،ماءُ ڌيءَ ۽ پٽ سميت فوت
255 views
|
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
فوتين ۾ گڏي باگڙي، سندس معصوم پٽ امير ۽ شادي شده ڌيءَ جانڪي شامل
ٺٽو(ڊ ر) گذريل رات دير سان مڪلي باء پاس تي خوفناڪ حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿي ويل باگڙي برادري جي هڪ ئي گهر جي فوت ٿي ويل ٽن ڀاتين جا مڙھ ضروري ڪاروائي بعد اڄ صبح راهوڪي گولاڙچي روانا ڪيا ويا هڪ معصوم ٻار جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کيس سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو گذريل آڌي رات جو مڪلي باء پاس موڙ وٽ تيز رفتار ريتي سان ڀريل ڊمپر روڊ ڀرسان جهوپڙا اڏي رهندڙ پورهيت باگڙي برادري جي هڪ گهر مٿان چڙھي گهرڀاتين کي چيباٽي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي گهر جا 3 ڄڻا چيباٽجي فوت ٿي ويا جڏھن ته هڪ معصوم ٻار کي ٻن ڪلاڪن جي ڪوششن بعد ريسڪيو ٽيمن بچائي زخمي حالت ۾ ڪڍي ورتو آڌي رات ستل گهرڀاتين مٿان ڊمپر چڙھي وڃڻ ڪري گهرڀاتين ۾ دانھون ۽ رڙيون پئجي ويون 1122 جي ريسڪيو ٽيمن سميت پوليس ۽ مقامي انتظاميه توڙي شھرين وڏي انگ ۾ پهچي ڦاٿل ماڻھن کي بچائڻ لاء ريسڪيو ڪارروائي شروع ڪئي اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو فهيم شاڪر جي اڳواڻي ۾ انتظاميه پاران هٽاچي ۽ ڪرين مشين گهرائي ٻن ڪلاڪن جي ڪوششن بعد ڊمپر کي هڪ پاسي ڪلٽي ڪرائي ڦاٿل زخمي حالت ۾ معصوم ٻارڙي بادل کي ريسڪيو ڪري ڪڍيو ويو ۽ فوت ٿيلن جا لاش ڪڍي سول اسپتال منتقل ڪيا ويا فوتين جي سڃاڻپ غريب پورهيت درزي باگڙي جي زال مسمات گڏي سندس معصوم پٽ امير ۽ سندس شادي شده ڌي مسمات جانڪي طور ڪئي وئي جن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد اڄ صبح سندن اباڻي ڳوٺ راهوڪي نيا ويا سخت زخمي حالت ۾ ريسڪيو ڪري ڪڍيل معصوم ٻارڙو بادل پڻ متاثر پورهيت درزي باگڙي جو پوھٽو آھي جنهن کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آڌي ويل هانءُ ڏاريندڙ خوف حادثي جو اطلاع ملندي ئي وڏي انگ ۾ شھري سياسي سماجي ڪارڪن حادثي واري هنڌ پهچي ڊمپر مافيا خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته متاثر خاندان جي مالي سهائتا ڪري ڊمپرن سميت هيوي گاڏين جي شھري آبادين مان گذر تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو: مڪلي باءِ پاس موڙ وٽ ڊمپر جهوپڙي
0 تبصرے