English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
دڙي واسي بيواهه عورت جو ڌي ۽ پٽ سميت سجاول ۾ احتجاج
217 views
|
17th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
مڙس جي فوت ٿيڻ بعد ويڳي پٽ جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: زاھدان ميمڻ
سجاول (گلشيرميربحر) دڙي واسي بيواهه عورت زاھدان ميمڻ پنهنجي نياڻي نازش ۽ پٽ اسد سان گڏ احتجاج ڪندي ميڊيا آڏو پنهنجو درد ڀريو احوال بيان ڪيو. هنن چيو ته سندس مڙس جي وفات کان پوءِ سندن زندگي عذاب بڻجي وئي آهي ۽ ويڳي پٽ سندس جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.زاھدان ميمڻ موجب جنهن گهر ۾ هو رهائش پذير آهن، ان مان کين زبردستي بيدخل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن الزام هنيو ته جوابدار روزانو سندن گهر جي بجلي ڪٽي ڇڏي ٿو، جنهن ڪري هو ۽ سندس ٻار سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته سندس مڙس جي ڇڏيل زمين تي پڻ قبضي جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن ۽ کيس بار بار هراسان ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته جوابدار مٿس زور ڀري رهيو آهي ته هو نادرا ۾ لکي ڏئي ته “اويس” جيڪو سندس پٽ آهي، ان جو سندس مڙس جي ملڪيت ۾ ڪو به حصو ناهي، جيڪو سراسر زيادتي ۽ ناانصافي آهي. احتجاج دوران زاھدان ميمڻ مطالبو ڪيو ته نواز ميمڻ جيڪو کين تنگ ڪري رهيو آهي، ان خلاف فوري طور قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کين انصاف فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته هو اڳ به ڪيترائي ڀيرا ارباب وزير وٽ ويا آهن، جتي فيصلا به ٿيا، پر انهن فيصلن جون ڪاپيون اڃا تائين کين ناهن ڏنيون ويون.آخر ۾ هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته سندن مسئلي جو جلد حل ڪڍيو وڃي ته جيئن هو پنهنجي ٻارن سان گڏ امن سان زندگي گذاري سگهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
دڙي واسي بيواهه عورت جو ڌي ۽ پٽ
0 تبصرے