English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ منشيات جي حوالي سان جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، تقريب منعقد
125 views
|
19th May 2026
•
سنڌي خبرون
سرڪاري اسڪول پورٽ قاسم ۾ پروونشل تمباڪو ڪنٽرول سيل جي سهڪار سان جاڳرتا تقريب
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي سرڪاري اسڪول پورٽ قاسم ۾ پروونشل تمباڪو ڪنٽرول سيل سنڌ جي سهڪار سان تمباڪو، سگريٽ ۽ گهٽڪي جي وڌندڙ استعمال خلاف جاڳرتا تقريب ۽ ريلي ڪئي وئي، جنهن ۾ استادن، والدين، شاگردن، سماجي شخصيتن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔تقريب ۾ پروونشل تمباڪو ڪنٽرول سيل سنڌ جي اڳواڻن تنوير قائمخاني پروونشل ڪوآرڊينيٽر ۽ بلال ظفر ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر سميت اسڪول جي هيڊ مس نسيم جهتيال، مهرالله، محمد هاشم، اسد، معشوق، انور، پرھ، رشيده، سعيده، فوزيه، بختاور، ثمرين ۽ ٻين استادن شرڪت ڪئي، جڏهن ته شاگردن ۽ شاگردياڻين منشيات ۽ تمباڪو جي نقصانن بابت تقريرون، ٽيبلو ۽ آگاهي پيغام پيش ڪري خوب داد حاصل ڪئي۔ان موقعي تي خطاب ڪندي پروونشل ڪوآرڊينيٽر تنوير قائمخاني چيو ته پاڪستان ۾ روزاني جي بنياد تي 445 ماڻهو صرف سگريٽ، تمباڪو ۽ گهٽڪي جي استعمال سبب فوت ٿي رهيا آهن، جڏهن ته 1200 ٻار روزانو سگريٽ ۽ گهٽڪو واپرائڻ شروع ڪن ٿا، جيڪا انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي۔هن چيو ته منشيات خاص طور تمباڪو، سگريٽ ۽ گهٽڪو نوجوان نسل جي صحت، تعليم ۽ مستقبل کي تباهه ڪري رهيا آهن، تنهن ڪري استادن، والدين ۽ سماج جي ذميوار ماڻهن کي گڏجي نوجوانن کي ان لعنت کان بچائڻو پوندو۔ تنوير قائمخاني وڌيڪ چيو ته استاد اسڪولن ۾ شاگردن کي تمباڪو ۽ گهٽڪي جي نقصانن بابت آگاهي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته گهرن اندر سگريٽ نوشي سبب ٻين گهر ڀاتين جي صحت به متاثر ٿئي ٿي، تنهن ڪري شاگردن کي به گهرن ۽ سماج ۾ آگاهي ڦهلائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي۔ تقريب دوران پروونشل تمباڪو ڪنٽرول سيل سنڌ طرفان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ استادن ۽ شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ويا۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ۾ منشيات جي حوالي سان جاڳرتا
0 تبصرے